Share this link via
Personality Websites!
479078
9504
مان تنهنجو نيڪ عمل آهيان. جيسيتائين تون دنيا ۾ رهين، مان تنهنجي مٿان سوار رهيس(يعني توکي خواهشن کان روڪي رکيو، توکي نيڪين ۾ مشغول رکيو). اڄ تون مون تي سوار ٿي وڃ.
هي نيڪ مسلمان جو حال هوندو، جڏهن ته غير مسلم جو عمل ان جو استقبال تمام خراب ۽ سخت بدبودار(Stinky) شڪل ۾ ڪندو. جڏهن ٻانهو قبر مان اٿندو ته سندس بُرو عمل ايندو ۽ کانئس پڇندو: ڇا تون مون کي سڃاڻين ٿو؟ غير مسلم چوندو: تون ڪيڏو نه بدصورت آهين، تو مان ڪيڏي نه سخت بدبوءِ اچي رهي آهي، مان توکي نه ٿو سڃاڻان. سندس بُرو عمل چوندو: دنيا ۾ تون به اهڙو ئي بدبودار هئين. مان تنهنجو بُرو عمل آهيان. دنيا ۾ تون مون تي سوار رهين، اڄ مان تو تي سوار ٿيندس. ([1])
حُضورِ اڪرم، نورِ مُجسَّم صلَّی اللهُ عليهِ وَ آلِهٖ وَسلَّم فرمايو: قيامت جي ڏينهن هر خيانت ڪرڻ واري جي لاءِ هڪ جهنڊو کوڙيو ويندو، جنهن سان ان جي سڃاڻپ ٿيندي. ([2])
هڪ روايت ۾ فرمايو ويو: قيامت جي ڏينهن هر ڌوڪيباز جي لاءِ هڪ جهنڊو کوڙيو ويندو ۽ چيو ويندو: هي فلاڻي پٽ فلاڻي جو جهنڊو آهي. ([3])
امام شَمسُ الدّين قُرْطبي رَحمۃُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: قيامت جي ڏينهن هر نيڪ ۽ بدڪار لاءِ جهنڊو کوڙيو ويندو، نيڪ ماڻهو پنهنجي جهنڊي سبب پري کان سڃاتو ويندو ۽ بدڪار پنهنجي بديءَ جي جهنڊي جي ذريعي سڃاتو ويندو. ([4])
[1]...تفسیر طبری، پارہ:7، سورۂ انعام، زیر آیت:31، جلد:5، صفحہ:178، رقم:13190 ملتقطاً۔
[2]...بخاری، کتاب الحیل، باب اذا غصب جاریۃ ...الخ، صفحہ:1695، حدیث:6966۔
[3]...مسلم، کتاب الجہاد والسیر، باب تحریم الغدر، صفحہ:690، حدیث:1736۔
[4]...التذکرۃ فی احوال الموتی و امور الآخرۃ، باب ما جاء فی عقوبۃ مانعی الزکاۃ...الخ، جز:1، صفحہ:267۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami