Share this link via
Personality Websites!
479076
9504
جنت جي ويجهو پهچندو ته دروازو بند ڪيو ويندو. ٿورو تصور ته ڪريو! ان وقت کيس ڪيڏي نه ندامت ٿيندي، سندس سموريون اميدون خاڪ ۾ ملي وينديون، خوشيون ملهائڻ واري دل ڀورا ڀورا ٿي ويندي. افسوس! هيءَ حسرت، هيءَ ندامت ڇو ٿيندي...؟ ان ڪري ته هي بدنصيب دنيا ۾ ٻين جي مذاق اڏائيندو هو، قيامت جي ڏينهن کيس ان بُري ڪم جو بدلو ڏنو ويندو.
بھائیوں کا دل دُکھانا چھوڑ دو اور تمسخر بھی اُڑانا چھوڑ دو([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! قيامت ڀرم ٽٽڻ جو ڏينهن آهي. اڄ اسان اندر ۾ جيڪو ڪجهه آهيون، پر لڪيل آهيون * دل جي ڪاراڻ سفيد لباس اندر لڪل آهي * ڪو طاقت جي پٺيان لڪيل آهي * ڪو عهدي ۽ منصب جي پٺيان لڪيل آهي * ڪو مال ۽ دولت جي پٺيان لڪيل آهي. اصل ۾ ته اِهو سڀ ڪجهه ته الله پاڪ جي سَتاري آهي، جو هُن اسان جا عيب لڪائي رکيا آهن. پر ياد رکو! قيامت ڀرم ٽٽڻ جو ڏينهن آهي، لڪيل راز ظاهر ٿيڻ جو ڏينهن آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:
یَوْمَ تُبْلَى السَّرَآىٕرُۙ(۹) فَمَا لَهٗ مِنْ قُوَّةٍ وَّ لَا نَاصِرٍؕ(۱۰)
ترجموڪنزالعرفان: جنهن ڏينهن لڪيل ڳالهين جي جاچ ڪئي ويندي. پوءِ انسان وٽ نه ڪا قوت هوندي ۽ نه ڪو مددگار. (پارو: 30، سُورة طارق: 10-9)
يعني قيامت جي ڏينهن سموريون لڪيل ڳالهيون ظاهر ٿي وينديون. ان ڏينهن
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami