Share this link via
Personality Websites!
479075
9504
نادان قدرت جي ٺاهيل شين جو به مذاق اڏائڻ کان بلڪل نه ڪيٻائيندا آهن * ڪنهن جي اک ٽيڏي هوندي آهي ته ان کي ٽيڏو چئي سندس مذاق اڏائيندا آهن * ڪنهن جو نڪ ڊگهو آهي ته ان جي نڪ جي مذاق * ڪنهن جا چپ ٿلها آهن ته ان جي چپن جي مذاق * ڪنهن ويچاري جي ٽنگ ۾ مسئلو آهي ته ان کي منڊو چئي مذاق اڏائيندا آهن ۽ سامهون واري جي عزتِ نفس تار تار ڪندا آهن.
الله پاڪ جي پياري ۽ آخري نبي، رسولِ هاشمي صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم فرمايو:
لَا تُمَارِ اَخَاکَ وَلَا تُمَازِحْہٗ
ترجمو: پنهنجي ڀاءُ سان جهيڙو نه ڪريو ۽ نه ئي ان جي مذاق اڏايو. ([1])
هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: بيشڪ ماڻهن جي مذاق اڏائڻ واري جي لاءِ جنت جو دروازو کوليو ويندو، پوءِ ان کي سڏيو ويندو: اچ! ويجهو اچ...! جڏهن هو جنت جي ويجهو ايندو ته دروازو بند ڪيو ويندو. ائين ڪيترائي ڀيرا ڪيو ويندو. ([2])
افسوس! اهي نادان جيڪي ٻين جي عزت جو خيال نه ڪندا آهن، مذاق اڏائيندا آهن ۽ ٻين کي ذليل ڪري کلندا ۽ خوشيون ملهائيندا آهن، هن روايت کي بار بار پڙهن، ان تي غور ڪن، ٿورو سوچيو ته سهي...! اُهو قيامت جو 50 هزار سالن جو ڏينهن، ٽامي جي تتل زمين، باهه وَسائيندڙ سج، هر طرف نَفسِي نَفسِي جو عالَم، اهڙي حالت ۾ جڏهن ڪنهن کي جنت جي طرف سڏيو ويندو ته ان جي دل ۾ ڪيڏي نه خوشي داخل ٿيندي، هو ڪيڙو پنهنجي قسمت تي رشڪ ڪندو، ڪيڏي نه اميد سان جنت ڏانهن ويندو، پر افسوس...! جيئن ئي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami