Share this link via
Personality Websites!
479074
9504
واري...!! هن مان اسان کي معلوم ٿيو ته اڄ دنيا ۾ ڪنهن جي به مذاق نه اڏائڻ گهرجي، ڪنهن کي طعنا نه ڏيڻ گهرجن، ڪنهن تي ٽوڪون ڪري ان جي دل نه ڏکائڻ گهرجي. افسوس! قيامت جي ڏينهن جيڪڏهن اسان جي مذاق اڏائي وئي ته سوچيو! اسان جو ڇا ٿيندو؟
الله پاڪ پارو: 26، سُورة حُجرات جي آيت نمبر 11 ۾ ارشاد فرمايو:
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا لَا یَسْخَرْ قَوْمٌ مِّنْ قَوْمٍ عَسٰۤى اَنْ یَّكُوْنُوْا خَیْرًا مِّنْهُمْ وَ لَا نِسَآءٌ مِّنْ نِّسَآءٍ عَسٰۤى اَنْ یَّكُنَّ خَیْرًا مِّنْهُنَّۚ-
ترجموڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! مرد ٻين مردن تي نه کلن, ٿي سگهي ٿو ته اهي انهن کلڻ وارن کان بهتر هجن ۽ نه عورتون ٻين عورتن تي کلن، ٿي سگهي ٿو ته اهي انهن کلڻ وارين کان بهتر هجن (پارو: 26، سُورة حجرات: 11)
هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو ذوق هوندو آهي، زندگي گذارڻ جو انداز پنهنجو هوندو آهي. اسان ڪنهن جي انداز تي تنقيد نه ٿا ڪري سگهون، اسان ڪنهن جي لباس، ان جي لائف اسٽائل(Life Style) تي تنقيد نه ٿا ڪري سگهون. ايتري تائين جو جيڪڏهن ڪو گنهگار آهي ته ان کي به سهڻي انداز سان نيڪيءَ جي دعوت ڏني وڃي، پر سندس مذاق اڏائڻ هرگز درست نه آهي.
اڄڪلهه اسان وٽ هيءَ وبا تمام گهڻي عام آهي: * ڪنهن ڏاڙهي شريف جي سنت سجائي ورتي ته ان تي تنقيد * ڪو عمامي شريف جو تاج سجائي ته ان تي تنقيد * ڪو اڌ پِنين تائين سنت مطابق ڪُرتو پائي ته ان تي تنقيد * ويچاري غريب جي لباس تي ٽوڪون ڪيون وينديون آهن * ٻين جو نقل ڪري انهن جي انداز جي مذاق اڏائي ويندي آهي * ايتري تائين جو ڪجهه
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami