Share this link via
Personality Websites!
478810
9493
افسوس! * اسان غفلت ۾ رهندا آهيون * گناهه ڪري ڪري دل اهڙي بيمار ٿي وئي آهي، گناهن جي اهڙي عادت پئجي چڪي آهي جو دل توبه ڏانهن مائل ئي نٿي ٿئي * اميدون وڏيون آهن، ائين سمجهي ويٺا آهيون ڄڻ هميشه هن دنيا ۾ رهڻو آهي ۽ موت اچڻو ئي ناهي * الله پاڪ رحمٰن آهي، بخشي ئي ڇڏيندو اهو چئي دل کي ڪوڙو دلاسو ڏئي ڇڏيندا آهيون پر ان جي عذاب کان ڊڄندا ناهيون * خراب دوستن جي صحبت نيڪي ڏانهن اچڻ نٿي ڏئي * ڪڏهن گهر وارن کان شرم ٿيندو آهي * ڪڏهن دنيا کان شرمايون ٿا * هاءِ! مون توبه ڪري ورتي ته ماڻهو ڇا چوندا؟ اهڙيون ڳالهيون سوچي اسان توبه جهڙي عظيم نعمت کان محروم رهجي ويندا آهيون * بلڪه سچي ڳالهه اها آهي ته اسان پاڻ کي گنهگار سمجهون ئي ڪڏهن ٿا...!! جي اسان پاڻ کي گنهگار سمجهون ته شرمندگي پاڻمرادو ٿيندي، ۽ شرمندگي ٿيندي ته توبه ڏانهن لاڙو به ٿيندو، پر افسوس! نفس ۽ شيطان اسان کي دوکي ۾ وجهي رکن ٿا * نمازون قضا ٿينديون آهن * باجماعت نماز ۾ ته ڪڏهن ڪڏهن ئي شامل ٿيندا آهيون * روزانو الائي ڪيترن جي دل آزاري ڪري ويهندا آهيون * اسان جو موبائيل فون اسان کي ڌوڪي ۾ وجهي رکندو آهي * خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا گناهه هن موبائيل ۽ سوشل ميڊيا جي ڪري ٿيندا رهندا آهن * ڪوڙ زبان تي هر وقت چڙهيل رهندو آهي، ڳالهه ڳالهه تي ڪوڙ ڳالهائيندا ويندا آهيون * گلا ۽ چغلي جي اهڙي عادت هوندي آهي جو بس زبان کلڻ جي دير هوندي آهي، گندين ڳالهين، غيبتن ۽ چغلين جا انبار شروع ٿي ويندا آهن. مطلب ته مٿي کان وٺي پيرن تائين گناهن ۾ غرق رهندا آهيون، ان هوندي به پاڻ کي گنهگار سمجهڻ پسند ناهيون ڪندا، نفس اسان کي دوکي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami