Share this link via
Personality Websites!
478809
9493
حال آهي؟ قصائي چيو: اڃ سبب بيحال آهيان. قاصد چيو: اچ اسان ٻئي گڏجي الله پاڪ جي بارگاهه ۾ دعا ڪريون ته جيئن الله پاڪ ڪڪرن جي فرشتي کي موڪلي ۽ هو شهر پهچڻ تائين اسان مٿان پاڇو ڪري. نوجوان چيو: مون ته الله پاڪ جي ڪا قابِل ذڪر عبادت به ناهي ڪئي، مان ڪيئن دعا گهران؟ اوهان دعا گھرو، مان آمين چوندس. ان شخص دعا گهري، ڪڪر جو هڪ ٽڪرو ٻنهي جي مٿان ڇانوَ ڪرڻ لڳو.
جڏهن ٻئي هلندي هلندي هڪٻئي کان ڌار ٿيا ته اهو ڪڪر قصائي جي مٿان اچي ويو ۽ قاصد اُس ۾ رهجي ويو. قاصد چيو: اي جوان! تو ته چيو هو ته تو الله پاڪ جي ڪا به عبادت ناهي ڪئي، پوءِ هي ڪڪر تنهنجي مٿان ڪيئن ڇانوَ ڪري رهيو آهي؟ تون مون کي پنهنجو حال ٻڌاءِ. نوجوان چيو: مونکي ٻي ڪا خبر ناهي، پر هڪ ٻانهيءَ کان خوفِ خدا جي ڳالهه ٻڌي مون سچي توبه ڪئي هئي. قاصد فرمايو: تو سچ چيو، الله پاڪ جي بارگاهه ۾ جيڪو رتبو ۽ مقام توبه ڪرڻ واري جو آهي، اهو ڪنهن ٻئي جو ناهي. ([1])
خبر پئي ته * توبه ڪرڻ وارو تمام بلند درجي وارو هوندو آهي * جيڪو توبه ڪندو آهي، ان کي ڪاميابي ملندي آهي * جيڪو توبه ڪندو آهي، الله پاڪ کيس پنهنجو محبوب بڻائي ڇڏيندو آهي. * ان مٿان رحمت وسندي آهي * سندس گناهه مٽايا ويندا آهن * قيامت جي ڏينهن کيس جنت عطا ڪئي ويندي * کيس جهنم کان ڇوٽڪارو نصيب ٿيندو * اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دنيا به سنواري ويندي ۽ آخرت به سٺي ٿي ويندي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami