Share this link via
Personality Websites!
478807
9493
حضرت فضيل بن عياض رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه توبه ڪرڻ کان پهريان ڌاڙيل هئا. جڏهن پاڻ توبه ڪيائون ته جن جا جاني يا مالي حق سندن تي هئا، انهن سان معافي تلافي ڪيائون. ان ئي سلسلي ۾ هڪ غير مسلم وٽ به پنهنجو حق معاف ڪرائڻ لاءِ ويا. هو چوڻ لڳو: اي فضيل! مون قسم کنيو هو ته جيستائين اوهان منهنجو مال واپس نه ڪندؤ، مان اوهان کي معاف نه ڪندس. اوهان ائين ڪيو! اندر ڪمري ۾ وڃو، فلاڻي جاءِ تي پئسن جي ٿيلهي پيل آهي، اها کڻي اچي مون کي ڏيو! اهڙيءَ طرح منهنجو قسم به پورو ٿي ويندو، پوءِ مان اوهان کي معاف ڪري ڇڏيندس. حضرت فضيل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اندر ويا، پئسن جي ٿيلهي کنئي، ٻاهر اچي ان غير مسلم کي ڏنائون. هن ٿيلهي کولي ته ڏٺائين ان ۾ سون پيل آهي! هو ڏسندي ئي پڪارڻ لڳو: اي فضيل! هاڻي مونکي ڪلمو پڙهائي مسلمان ڪريو! پاڻ پهريان ان کي ڪلمو پڙهايو، پوءِ پڇيو: توکي اوچتو مسلمان ٿيڻ جو خيال ڪيئن آيو؟ اهو غير مسلم چوڻ لڳو: مون پنهنجي مذهبي ڪتابن ۾ پڙهيو هو ته مسلمان جڏهن سچي توبه ڪري وٺندو آهي ته الله پاڪ کيس اهو مقام عطا فرمائيندو آهي جو هو مٽي کي به هٿ لائي ته اها سون بڻجي ويندي آهي. جڏهن مون کي اوهان جي توبه جي خبر پئي ته مون امتحان ورتو. هيءَ ٿيلهي جيڪا اوهان کڻي آيا آهيو، هن ۾ سون جا سڪا نه پر مٽي هئي، جيڪا اوهان جي هٿ لڳڻ جي برڪت سان سون بڻجي وئي آهي. ([1])
جو بھی دنیا سے آقا کا غم لے گیا وہ تو بازی خدا کی قسم لے گیا
ساتھ میں مصطَفٰے کا کرم لے گیا خُلد کی وہ سند لاجَرَم لے گیا([2])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami