Share this link via
Personality Websites!
478806
9493
اِنَّ اللّٰهَ یُحِبُّ التَّوَّابِیْنَ وَ یُحِبُّ الْمُتَطَهِّرِیْنَ(۲۲۲)
ترجموڪنزُالعرفان: بيشڪ الله گهڻي توبه ڪرڻ وارن سان محبت فرمائيندو آهي.
(سيپارو: 2، البقرة: 222)
خبر پئي ته جيڪو ٻانهو گهڻي توبه ڪندو آهي، الله پاڪ کيس پنهنجو محبوب بڻائي وٺندو آهي.
اللهُ اکبر! ڏسو! اهو ڪيڏو نه وڏو شان آهي! الله پاڪ جو محبوب يعني پيارو بڻجي وڃڻ ڪا معمولي ڳالهه يا ننڍڙو رتبو ته ناهي! الله پاڪ سمورن جهانن جو پاليندڙ، سڀني جهانن جو خالق آهي، جيڪو ان مالڪِ ڪريم جو پيارو ٿي وڃي، ان وٽ ڀلا ڪهڙي شيءِ جي کوٽ رهندي...؟ صوفياءِ ڪرام فرمائن ٿا: مَنْ لَہُ الْمَوْلیٰ فَلَہُ الْکُلّ جيڪو الله پاڪ جو ٿي وڃي، سڀ ڪجهه ان جو ٿي ويندو آهي. ([1])
خبر پئي ته توبه اها عظيم نعمت آهي جو جيڪو ٻانهو توبه ڪندو آهي، ان جي وسيلي ٻانهو الله پاڪ جو محبوب ٿي ويندو آهي ۽ جيڪو الله پاڪ جو محبوب ٿي وڃي، ان کي هي رتبو ملندو آهي ته سڀ ڪجهه ان جو ئي ٿي ويندو آهي، نه ان کي دنيا ۾ ڪا کوٽ رهندي آهي ۽ نه آخرت جو ڪو خطرو رهجي ويندو آهي.
مَت گُناہوں پہ ہو بھائی بے بَاک تُو بُھول مَت یہ حقیقت کہ ہے خَاک تُو
تَھام لے دَامَنِ شاہِ لَوْلَاک تُو سچّی تَوبہ سے ہو جائے گا پاک تُو([2])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami