Share this link via
Personality Websites!
478803
9493
فَتَابَ عَلَیْكُمْؕ-اِنَّهٗ هُوَ التَّوَّابُ الرَّحِیْمُ(۵۴)
صَدَقَ اللہُ الْعَظِیْم وَ صَدَقَ رَسُوْلُہُ النَّبِیُّ الْکَرِیْم صلّی اللہ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلم
ترجموڪنزُالعرفان: ۽ ياد ڪريو جڏهن موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو: اي منهنجي قوم توهان گابي (کي معبود) بڻائي پنهنجي جانين تي ظلم ڪيو تنهنڪري (هاڻي) پنهنجي پيدا ڪرڻ واري جي بارگاھ ۾ توبه ڪريو (هن طرح) جو توهان پنهنجي ماڻهن کي قتل ڪريو. اهو توهان جي پيدا ڪرڻ واري وٽ توهان جي لاءِ بهتر آهي پوءِ ان توهان جي توبه قبول ڪئي بيشڪ اهو ئي گهڻو توبه قبول ڪرڻ وارو مهربان آهي.
(سيپارو:1، البقرة: 54)
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ٻڌو هو ته الله پاڪ حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام کي ڪوههِ طُور تي گهرايو، کين تورات شريف عطا فرمايائين، ان دوران پٺيان بني اسرائيل هڪ گابو بڻائي ورتو ۽ ان جي پوڄا ۾ مشغول ٿي ويا. هاڻي جڏهن بني اسرائيل هي تمام وڏو گناهه ڪيو ته مٿن ڪرم نوازي اها ٿي جو انهن تي عذاب نه لٿو بلڪ توبه جي توفيق بخشي وئي. انهن جي اها توبه ڪيئن قبول ٿي؟ ان توبه جا تقاضا ڪهڙي طرح پورا ڪيا ويا؟ ان ڳالهه جو بيان هن آيتِ ڪريمه ۾ آهي، جيڪو اڄ اسان جو موضوع آهي. هي سورت بقره جي آيت نمبر 54 آهي، اڄ اسان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هن آيتِ ڪريمه جي وضاحت ۽ ان مان ملندڙ سبق سکڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين.
الله پاڪ ارشاد فرمايو:
وَ اِذْ
ترجموڪنزُالعرفان: ۽ ياد ڪريو جڏهن. (سيپارو:1، البقرة: 54)
يعني اي پيارا محبوب صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان اهو واقعو ياد ڪريو! ۽
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami