Share this link via
Personality Websites!
478818
9493
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ اهو به ارشاد فرمايو:
فَاقْتُلُوْۤا اَنْفُسَكُمْؕ-
ترجموڪنزُالعرفان: توهان پنهنجي ماڻهن کي قتل ڪريو. (سيپارو: 1، البقرة: 54)
يعني اي بني اسرائيل جا اهي ماڻهو! جن گابي جي پوڄا ڪري شرڪ ڪيو، توبه ڪندي پنهنجون جانيون پيش ڪريو!
هتان خبر پئي ته توبه جا تقاضا پورا ڪرڻ به ضروري آهن. اسان وٽ توبه جو جيڪو مفهوم ورتو ويندو آهي، اهو صرف هي آهي ته: * ڪنن کي پڪڙي ورتو* ڳلن تي هلڪي چماٽ هڻي ورتي * ۽ زور سان 10 يا 12 ڀيرا چئي ورتو: ”توبه! توبه!“ بس سمجهيوسين ته هيءَ توبه ٿي وئي!
هيءَ توبه ناهي. توبه جا تقاضا هوندا آهن، جهڙو گناهه هوندو آهي ان جي توبه به اهڙي ئي هوندي آهي. ڏسو! بني اسرائيل شرڪ ڪيو، مرتد ٿيا (يعني مسلمان هئڻ کان پوءِ ڪفر اختيار ڪيائون)، ان ڏوهه جي سزا قتل آهي، تنهنڪري کين چيو ويو ته پنهنجيون جانيون پيش ڪريو، هن توبه جو تقاضو پورو ڪريو، تڏهن وڃي بخشش ٿيندي. خبر پئي ته جهڙو گناهه هوندو توبه به اهڙي ٿيندي ۽ ان جا شرط پڻ پورا ڪرڻا پوندا.
توبه جا 3 بنيادي شرط آهن: (1): گناهه ڇڏڻ: جنهن گناهه کان توبه ڪري رهيا آهيو، ان کي ترت ڇڏي ڏنو هجي. گناهه نه ڇڏڻ ۽ زبان سان توبه توبه چوندي رهڻ کي حديثِ پاڪ ۾ مذاق قرار ڏنو ويو آهي. (2): شرمندگي (يعني جيڪو گناهه ٿيو، ان تي دل سان شرمساري هجي) (3): پڪو ارادو ته آئنده اهو گناهه
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami