Share this link via
Personality Websites!
478817
9493
مَحبت میں اپنی گُما یاالٰہی! نہ پاؤں میں اپنا پتا یاالٰہی!
عبادت میں گزرے مِری زِندگانی کرم ہو کرم یَاخدا! یاالٰہی!([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
معلوم ٿيو ته عزت ٻيهر ملي ويندي آهي، شرط هي آهي ته انسان رستو صحيح اختيار ڪري. اولياءِ ڪرام جي سيرت پڙهي ڏسو، هزارين اهڙا بزرگ آهن جيڪي توبه ڪرڻ کان پهريان گناهن ۾ مشغول هئا، معاشري ۾ کين نفرت سان ڏٺو ويندو هو، پر جيئن ئي انهن توبه ڪئي، نيڪيءَ جا مسافر بڻيا ۽ عبادت ۾ لڳي ويا ته ساڳيا ماڻهو سندن استعمال ڪيل شين مان به برڪت وٺڻ لڳا. تنهنڪري اسان کي به گهرجي ته توبه ڏانهن وڌون ۽ روزانو بنا ناغي توبه ڪندا ڪريون.
شيخِ طريقت، اميرِ اهلِسنت دامت بَرَکاتُهم العاليه هن دور ۾ صحيح اسلامي زندگي گذارڻ جو جيڪو نسخو اسان کي عطا فرمايو آهي، يعني رسالو ”نيڪ اعمال“...!! * اسلامي ڀائرن لاءِ 72 نيڪ اعمال * اسلامي ڀينرن لاءِ 63 * ننڍن ٻارن لاءِ 41 * جامعةُ المدينه جي شاگردن لاءِ 92 * شاگردياڻين لاءِ 83 ۽ * خصوصي اسلامي ڀائرن (يعني گونگن ۽ ٻوڙن وغيره) لاءِ 27 نيڪ اعمال وارو رسالو مڪتبةُ المدينه تان ملي وڃي ٿو. ان ۾ اميرِ اهلِ سنت هڪ نيڪ عمل توبه جو به رکيو آهي. يعني ترغيب ڏياري آهي ته گناهه ٿي يا نه، روزانو سمهڻ کان اڳ 2 رڪعت نمازِ توبه ادا ڪريو ۽ پوءِ سچي دل سان سڄي ڏينهن جي گناهن کان توبه ڪري وٺو. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! وڏيون برڪتون نصيب ٿينديون. الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami