Share this link via
Personality Websites!
478815
9493
مَت گُناھوں پہ ہو بھائی! بے باک تُو بُھول مَت یہ حقیقت کہ ہے خاک تُو
تَھام لے دامنِ شاہِ لَوْلَاک تُو سچّی تَوْبَہ سے ہو جائے گا پاک تُو([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! عام طور تي چيو ويندو آهي ته عزت ٻيهر ناهي ملندي. ٿي سگهي ٿو محاوري طور ڪنهن حد تائين اها ڳالهه درست هجي، پر جيڪڏهن الله پاڪ جي ڪرم نوازين کي ڏسجي ۽ بزرگن جي سوانحِ حيات پڙهجي ته معلوم ٿئي ٿو ته جيڪڏهن انسان سڌو رستو اختيار ڪري ته وڃائجي ويل عزت به ٻيهر ملي ويندي آهي. هڪ خوبصورت واقعو ٻڌو: حضرت حبيب عجمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تمام وڏا ڪامل ولي ٿي گذريا آهن، بصرہ شهر جا رهاڪو هئا. توبه ڪرڻ کان اڳ پاڻ نهايت امير هئا ۽ ماڻهن کي وياج تي قرض ڏيندا هئا. حالت اها هئي جو جڏهن ڪنهن قرضدار کان وياج جي رقم وٺڻ ويندا هئا ۽ هو نه ڏئي سگهندو هو ته پنهنجو وقت ضايع ٿيڻ جو ڏنڊ به وٺندا هئا! هڪ دفعي پاڻ ڪنهن قرضدار جي گهر پهتا ۽ در کڙڪايائون. هو مقروض پاڻ گهر ۾ نه هو، پر سندس گهرواري چيو: منهنجو مڙس گهر ۾ ناهي ۽ نه ئي پئسا آهن جو اوهان کي ڏيان. ها، اڄ اسان ٻڪري ذبح ڪئي هئي، ان جو سڄو گوشت ختم ٿي چڪو آهي، رڳو سِري بچيل آهي، اوهان چاهيو ته کڻي وڃو. حبيب عجمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اها ٻڪريءَ جي سري کڻي گهر آيا ۽ زال کي چيائون: هيءَ رڌ! زال چيو: گهر ۾ نه ٻارڻ جون ڪاٺيون آهن ۽ نه ٻيو سامان. پاڻ وري قرضدارن جي گهرن مان ڪاٺيون به اوڳاڙي کڻي آيا! زال ديڳڙي چاڙهي، کاڌو اڃا تيار ئي نه ٿيو هو ته هڪ سائل (فقير) سوال ڪرڻ آيو، حضرت حبيب عجمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان کي دڙڪا ڏئي ڀڄائي ڇڏيو. کاڌو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami