Share this link via
Personality Websites!
478814
9493
وَ تُوْبُوْۤا اِلَى اللّٰهِ جَمِیْعًا اَیُّهَ الْمُؤْمِنُوْنَ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُوْنَ(۳۱)
ترجموڪنزُالعرفان: اي مسلمانو! توهان سڀ الله ڏانهن توبه ڪريو هن اميد تي ته توهان ڪاميابي ماڻيو. (سيپارو: 18، النور: 31)
ڏسو! هن آيت ۾ سڀني کي توبه جو حڪم ڏنو ويو آهي. امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ”احياءُ العلوم“ ۾ فرمائن ٿا: هن آيت مان ثابت ٿيو ته توبه هر حال ۾ لازم آهي.([1]) اهو ضروري ناهي ته گناهه ٿيندو تڏهن ئي توبه ڪنداسين، بلڪه ان کان سواءِ به توبه ڪندو رهڻ گهرجي. حديثِ پاڪ ۾ آهي ته رسولن جي سردار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَیْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم فرمايو: ”اي انسانو! توبه ڪريو! بيشڪ مان به ڏينهن ۾ 100 ڀيرا توبه ڪندو آهيان. ([2])
ڏسو! پيارا نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَیْهِ وَ آلِهِ وَسَلَّم معصوم آهن، پاڻ سڳورن کان گناهه ٿي ئي نٿو سگهي، تنهن هوندي به پاڻ ڏينهن ۾ 100 ڀيرا توبه فرمائيندا هئا. معلوم ٿيو ته جيئن نماز، روزو وغيره مستقل عبادتون آهن، تيئن توبه ۽ استغفار به مستقل عبادتون آهن. ([3]) ان ڪري اسان کي گهرجي ته ڀل گناهه نه به هجي، پوءِ به توبه ۽ استغفار ڪندا رهون.
سُبْحٰنَ الله! الله پاڪ اسان کي سچي توبه جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
سَر پچھاڑو گے پَر کچھ نہ کر پاؤ گے بے حَد اپنے گُناھوں پہ پچھتاؤ گے
بال جَھڑ جائیں گے، کَھال اُدھڑ جائیگی کیڑے پَڑ جائیں گے، نَعْش سڑ جائیگی
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami