Share this link via
Personality Websites!
478812
9493
اٿاري ڇڏيو. ان تي الله پاڪ ان وقت جي نبي عَلَیْهِ السَّلَام تي وحي موڪلي فرمايو: انهن ٻنهي کي چئو ته پنهنجا عمل نئين سر شروع ڪن، مون هن گنهگار کي (سندس سٺي گمان ۽ مثبت سوچ سبب) بخشي ڇڏيو ۽ عبادت گذار جا سمورا عمل ضايع ڪري ڇڏيا! هڪ روايت ۾ آهي ته اهو ڪڪر جيڪو عبادت گذار مٿان ڇانوَ ڪري بيٺو هو، اهو انهيءَ وقت عبادت گذار تان هٽي ڪري ان گنهگار جي مٿان اچي ويو. ([1])
اِلٰہی میں تیری عطا مانگتا ہوں کرم مغفرت کی دُعا مانگتا ہوں
اِلٰہی نہیں چاہئے تختِ شاہی فقط تیری رحمت خُدا! مانگتا ہوں
بچانا بُرے خاتمے سے بچانا میں ایمان پر خاتمہ مانگتا ہوں([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
هڪ دفعي الله پاڪ جا نبي حضرت عيسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام پنهنجي حوارين سان گڏ ويٺل هئا. هڪ تمام حسين ۽ خوبصورت پکي اتي آيو ۽ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام جي سامهون زمين تي ليٽڻ لڳو. ان پنهنجو پاڻ کي زمين تي ايترو گهمايو جو ان جي کَل لهي وئي. هاڻي هو رتورت، گنجو ۽ انتهائي بدصورت نظر اچڻ لڳو. ان کان پوءِ هو گَپَ ۾ ويو ۽ اتي لت پت ٿيو جنهن سان هو وڌيڪ بدصورت ٿي ويو. ان کان پوءِ هو وهندڙ صاف پاڻيءَ ۾ ويو، اتي غسل ڪيائين ته ان جو ساڳيو حسن واپس موٽي آيو، جسم تان گَپ به ڌوپجي وئي، نئين کَل به اچي وئي ۽ هو بلڪل پهريان جهڙو ئي خوبصورت ٿي ويو.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami