Share this link via
Personality Websites!
478465
9477
ويٺي ڳوڙها ڳاڙي رهيا هئا. مان سندن خدمت ۾ حاضر ٿيس ۽ عرض ڪيم: سائين: اڄ ته الله پاڪ مسلمانن کي غلبو بخشيو آهي (يعني اڄ ته وڏي خوشيءَ جو ڏينهن آهي)، ۽ اوهان ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهيو؟ حضرت ابو درداءِ رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْه فرمايو: اي جُبير! غور ته ڪر...! جيڪو الله پاڪ جي نافرماني ڪندو آهي، اهو پنهنجي پالڻهار جي حضور ڪيڏو نه بي وقعت ۽ بي قدر ٿي ويندو آهي! قُبرص جا رهواسي ڪهڙي نه غلبي ۽ عزت وارا هئا، پر جڏهن انهن الله جي حڪمن کي ڇڏي ڏنو ۽ پنهنجي رب ڪريم جي نافرماني ڪئي، ته انهن جو هي حال ٿيو (جو اڄ انهن کي شڪست ٿي ۽ هو سڀ ذليل ۽ خوار ٿي ويا). ([1])
معلوم ٿيو، جڏهن قومون الله پاڪ جي ڪتاب تي عمل ڪرڻ ڇڏي ڏينديون آهن ته پوءِ ذلت ۽ خواري ئي انهن جو مقدر بڻجي ويندي آهي. ڏسو! اهلِ قُبرص عزت وارا هئا، سوڀ وارا هئا، پر جڏهن ڪتابُ الله تان هٿ کنيائون ته مٽيءَ ۾ ملي ويا.
قرآن وارؤ....!! قرآن تي عمل ڪريو
پيارا اسلامي ڀائرو * اسان کان اڳين کي تورات ڏنو ويو، جيستائين ان تي عمل ڪيائون عزت وارا رهيا جڏهن عمل ترڪ ڪيائون ته خوار ٿي ويا * زبور وارن کي زبور مليو، جيستائين پيروي ڪيائون ڪامياب رهيا * پوءِ انجيل وارن کي انجيل عطا ٿيو، انهن به سر بلندي ماڻي، عَمل ڇڏڻ سان مشڪلاتن جي وَر چڙهي ويا* هاڻي اسان جي واري آهي! اسان کي الله پاڪ سمورن ڪتابن کان افضل ترين ڪتاب قرآنِ ڪريم عطا فرمايو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami