Share this link via
Personality Websites!
478464
9477
ترجمو ڪنزُالعرفان: ۽ جيڪڏهن ڪتاب وارا ايمان آڻين ها ۽ پرهيزگاري اختيار ڪن ها ته ضرور اسان انهن جا گناھ مٽائي ڇڏيون ها ۽ ضرور انهن کي نعمتن جي باغن ۾ داخل ڪريون ها. (سيپارو: 6، المائده: 65)
هي اهلِ ڪتاب لاءِ آخرت ۾ ڪاميابيءَ جو وعدو هو ته اهلِ ڪتاب، جن مٿان آسماني ڪتاب لاٿا ويا هئا، جيڪڏهن اهي ايمان آڻين ها ۽ تقويٰ اختيار ڪن ها ته سندن سڀ خطائون معاف ڪيون وڃن ها ۽ کين نعمتن واري جنّت ۾ داخل ڪيو وڃي ها. وڌيڪ فرمايو:
وَ لَوْ اَنَّهُمْ اَقَامُوا التَّوْرٰىةَ وَ الْاِنْجِیْلَ وَ مَاۤ اُنْزِلَ اِلَیْهِمْ مِّنْ رَّبِّهِمْ لَاَكَلُوْا مِنْ فَوْقِهِمْ وَ مِنْ تَحْتِ اَرْجُلِهِمْؕ-
ترجمو ڪنزُالعرفان: ۽ جيڪڏهن اهي توريت ۽ انجيل ۽ جيڪو ڪجهه انهن جي طرف سندن رب جي طرفان نازل ڪيو ويو ان کي قائم رکن ها ته انهن کي انهن جي مٿان کان ۽ سندن پيرن جي هيٺان کان رزق ملي ها. (سيپارو: 6، المائده: 66)
يعني اهي ماڻهو جن کي تورات ۽ انجيل عطا ڪيا ويا هئا، جيڪڏهن اهي انهن تي اهڙيءَ ريت عمل ڪن ها جهڙو حڪم مليو هو، ته ڇا ٿئي ها؟ آسمان مٿن برڪت وسائي ها، زمين برڪت ڦُٽائي ها، انهن جي لاءِ آسمان ۽ زمين مان رزق جا سمورا دروازا کوليا وڃن ها ۽ هو دنيا ۾ به ڪامياب ترين بڻجي وڃن ها. پر انهن ائين نه ڪيو، الله پاڪ جي عطا ڪيل ڪتاب تي سچائيءَ سان عمل نه ڪيائون، تنهنڪري خواري ۽ پَستي انهن جو مقدر بڻجي وئي، هنن دنيا ۾ به رسوائي جو منهن ڏٺو ۽ آخرت ۾ به ناڪام ٿي ويا.
نافرمانيءَ ذليل ۽ خوار ڪري ڇڏيو
حضرت جُبير بن نُفير رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: جڏهن مسلمانن قُبۡرُص فتح ڪيو، ته مون ڏٺو ته صحابيءِ رسول حضرت ابو درداءِ رَضِىَ اللّٰهُ عَـنۡه اڪيلائيءَ ۾
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami