Share this link via
Personality Websites!
478460
9477
معلوم ٿيو ته هدايت جو اصل معيار صرف ڪتابُ الله آهي * اسان پنهنجي عقل سان تجربا ته ڪري سگهون ٿا، پر هدايت نٿا ماڻي سگهون * دنياوي علمن مان معلومات ته ملي سگهي ٿي، پر سڌي ۽ سچي راهه جي رهنمائي ۽ آخرت جي ڪاميابين جو ذريعو رڳو ڪتابُ الله ئي آهي، ان کانسواءِ ٻئي ڪنهن وٽان هدايت نٿي ملي سگهي.
گزر جا عقل سے آگے کہ یہ نُور چراغِ راہ ہے منزل نہیں ہے
ضروري وضاحت: ڪتابُ الله مان منهنجي مراد وحِي آهي. يعني هدايت جو معيار وحي آهي، الله پاڪ جو سچو دين آهي. حديثِ پاڪ به ڇو ته وحي ئي آهي ۽ پياري محبوب صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا مبارڪ ارشادات آهن، تنهنڪري ڪتابُ الله وانگر اها به هدايت جو اصل سرچشمو آهي. مقصد اهو آهي ته اسان پنهنجي عقل سان هدايت نٿا حاصل ڪري سگهون، هدايت رڳو دين منجهان ئي ملندي.
پيارا اسلامي ڀائرو! اها ڳالهه سدائين ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته اسان جو عقل محدود آهي. اسان جي عقل جي پهچ صرف ظاهري سببن تائين هوندي آهي، سببن کان اڳتي جون جيڪي ڳالهيون آهن، انهن جي هدايت اسان کي دين ئي مهيا ڪندو آهي. هيءَ ڳالهه مان اوهان کي هڪ مثال سان سمجهايان ٿو. مولانا روم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه مثنوي شريف ۾فرمائن ٿا: هڪ ڀيري هڪ فلسفي ڪنهن واٽ تان لنگهي رهيو هو ته سندس ڪنن تي تلاوتِ قرآن جو آواز پيو. ڪو شخص سورة الملڪ جي تلاوت ڪري رهيو هو. جڏهن هن سورة الملڪ جي آخري آيت تلاوت ڪئي، جنهن ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami