Share this link via
Personality Websites!
478476
9477
هئا. قرآني حڪم ملڻ کان پوءِ هڪ پل به دير ڪرڻ هو هرگز برداشت نه ڪندا هئا.
بخاري شريف جي حديثِ پاڪ آهي: حضرت ابو طلحه انصاري رَضِيَ اللهُ عَنْه تمام وڏا شاهوڪار صحابي هئا. کين پنهنجي سڄي ملڪيت منجهان ”بَيرُحاء“ نالي باغ سڀ کان وڌيڪ پيارو هوندو هو. جڏهن قرآنِ ڪريم جي هيءَ آيتِ مبارڪه نازل ٿي:
لَنْ تَنَالُوا الْبِرَّ حَتّٰى تُنْفِقُوْا مِمَّا تُحِبُّوْنَ ﱟ
ترجمو ڪنزُالعرفان: توهان هرگز ڀلائي تائين نٿا پهچي سگهو جيستائين راھِ خدا ۾ پنهنجي پياري شيءِ خرچ نه ڪيو. (سيپارو: 4، آلِ عمران: 92)
ته حضرت ابو طلحه انصاري رَضِيَ اللهُ عَنْه بارگاههِ رسالت ۾ حاضر ٿيا ۽ عرض ڪيائون: يا رسولَ الله صَلَّى الـلّٰـهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مون کي پنهنجي پوري مال ۾ بَيرُحاء وارو باغ سڀ کان وڌيڪ محبوب آهي، مان ان پنهنجي محبوب ترين باغ کي الله پاڪ جي رضا خاطر صدقو ڪريان ٿو. ([1])
سُبْحٰنَ الله! هي آهي قرآن تي عمل ڪرڻ جو اعليٰ انداز! هيڏانهن قرآن جو اکر ڪنن تي پيو، ۽ هوڏانهن پنهنجي پسنديده ملڪيت خدا جي نالي تان قربان ٿي وئي. ٻئي پاسي اسان ڇا ڪري رهيا آهيون؟ الله جي پناهه! الله جي پناهه...! هاڻي ته اسان جي سوسائٽيءَ اندر اهڙا بي سمجهه نادان ماڻهو
[1]...بخاری، کتاب التفسیر، باب ( لَنْ تَنَالُوا الْبِرَّ حَتّٰى ..الخ)، صفحہ:1129، حدیث:4554 خلاصۃً۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami