Share this link via
Personality Websites!
478472
9477
غور فڪر ڪرين، پوءِ به تون ان کان منهن موڙين ٿو! ڇا منهنجو مرتبو تنهنجي نظر ۾ تنهنجي ڀائرن کان به گھٽ آهي؟. ([1])
الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي غور طلب ڳالهه آهي * هاڻي هتي ئي ڪنهن جو موبائل وڄي پوي، * ڪو ايس ايم ايس (SMS) اچي، * واٽس ايپ (WhatsApp) تي ڪو پيغام موڪلي، يا * ڪنهن جي مس ڪال اچي وڃي * جيتوڻيڪ اسان مسجد اندر ويٺا هجون * جمعي جي نماز بلڪل پڙهجڻ واري هجي، * پر اسان کي بيچيني وڪوڙي ويندي، * دل ڦٿڪڻ لڳندي * ته ڪڏهن مان کيسي مان فون ٻاهر ڪڍان * ڪڏهن ميسيج ڏسان * ۽ ڪڏهن ان جو جواب موڪليان؟ * ڪڏهن ڪڏهن ته پوري نماز جي وچ ۾ موبائل جو رنگ ٽون وڄندي آهي * دل ۾ هلچل مچي ويندي آهي * ته الائي ڪنهن جو فون هو! الائي ڪنهن جو ميسيج آيو هوندو * سلام ورنائيندي ئي دعا به ناهن گهرندا، سڀ کان پهرين موبائل ڪڍي چيڪ ڪندا آهن ته ڪير هو؟ ڪنهن ڪال ڪئي؟ ڪنهن ميسيج ڪيو؟ هاڻي ٿورو سوچيو! قرآنِ ڪريم اسان جي ربّ جو پيغام آهي، اسان ان کي ڪيتري اهميت ڏيون ٿا؟ ڪيتري تلاوت ڪريون ٿا؟ ان کي سمجهڻ جي ڪيتري ڪوشش ڪريون ٿا؟ پوءِ ان تي عمل پيرا ٿيڻ جي ڪيتري ڪوشش ڪريون ٿا؟
افسوس! هاڻي اسان جي حالت ڏاڍي خراب ٿيندي پئي وڃي. اول ته قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪري ئي ڪير ٿو؟ * قرآنِ ڪريم صرف الماريءَ جي زينت هوندو آهي. * پوءِ جيڪي تلاوت ڪن ٿا، انهن ۾ وڏو تعداد انهن ماڻهن جو آهي جيڪي صرف برڪت لاءِ تلاوت ڪن ٿا. * ڪجهه خوش قسمت ماڻهو صبح جو دڪان کوليندي ئي تلاوت ڪن ٿا ته جيئن ڪاروبار
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami