Share this link via
Personality Websites!
478471
9477
بن قيس رَضِيَ اللهُ عَنْه کان ان بابت پڇيو ويو ته پاڻ ٻڌايائون: ها، واقعي مان رات جو سورة البقرة جي تلاوت ڪندو آهيان. ([1])
چھوڑو! یہ ظلمتوں کے شِکوے کرو نہ ہر دَم
ہے روشنی کی خواہش، قرآن پڑھ کے دیکھو
سُبْحٰنَ الله! معلوم ٿيو ته قرآنِ پاڪ نور آهي. هن کي پڙهڻ ۽ تلاوت ڪرڻ سان دليون به منور ٿينديون آهن ۽ الله چاهي ته ظاهر ۾ به روشني ۽ نور نصيب ٿي ويندو آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لله! قرآنِ ڪريم ڪتابِ برڪت به آهي، ڪتابِ هدايت به آهي، ۽ ڪتابِ زندگي به آهي، ان ۾ اسان جي لاءِ سڀ ڪجھ موجود آهي، بس ڪمي هن ڳالھ جي آهي ته اسان قرآن پڙهون نٿا، ان جي تلاوت ناهيون ڪندا ۽ ان ۾ الله پاڪ ڇا فرمايو آهي، اهو سمجهڻ لاءِ گهڙي کن به وقت نٿا ڪڍون! تورات شريف ۾ روايت آهي ته (الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:) اي منهنجا ٻانها! ڇا توکي مون کان لڄ ۽ حيا نٿي اچي؟ جو تون رستي ۾ هلي رهيو هوندو آهين، جڏهن تو وٽ تنهنجي ڪنهن ڀاءُ جو خط ايندو آهي ته تون رستي تان هٽي ويندو آهين ۽ ويهي ان جي هڪ هڪ اکر کي غور سان پڙهندو آهين، ايستائين جو ان جو ڪو به لفظ نٿو ڇڏين. جڏهن ته هي منهنجو ڪتاب آهي، جيڪو مون تو ڏانهن نازل ڪيو آهي، ڏس! ۾ تنهنجي لاءِ ڪيتري تفصيل آهي، مون توکي ڪيڏو سمجھايو آهي ته جيئن تون ان ۾
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami