Share this link via
Personality Websites!
478469
9477
ڪيا پيا وڃن. 19هين صدي عيسويءَ ۾ يعني اڄ کان تقريباً 150 سال اڳ دنيا ۾ وڏا انقلاب آيا، معيشت جا الائي ڪيترا نظام مثلاً سوشلزم، ڪميونزم (Communism) وغيره وجود ۾ آيا، جن سڀني جو هڪ ئي نعرو هو: غربت مٽايو...! * ڪڏهن پورهيتن جي حقن جون ڳالهيون ٿيون * ڪڏهن روٽي، ڪپڙي ۽ اجهي جي نعريبازي ٿي * ڪڏهن مسڪينن جي واهر جا منشور ٺهيا، سرمائيداري نظام آيا ۽ هي نظام اڄ تائين ڪيترن ئي ملڪن ۾ رائج آهن پر افسوس! 150 سالن کان به مٿي وقت گذري چڪو آهي، پر انهن مان ڪو هڪ نظام به غربت ناهي ختم ڪري سگهيو، بلڪه غربت مٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، گهٽ نه ٿي رهي آهي.
هاڻي ٿورو قرآنِ ڪريم جي پاڪيزه نظام ڏانهن نظر ڦيرائي ڏسو! حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه نهايت بلند رتبه ۽ انصاف پسند عادل حاڪم ٿي گذريا آهن. پاڻ تقريباً 30 مهينا يعني فقط اڍائي سال حڪومت فرمائي ۽ انهن 30 مهينن اندر صحيح معنيٰ ۾ قرآني نظام لاڳو ڪري ڏيکاريو. ان پاڪيزه نظام جون جيڪي برڪتون سامهون آيون، انهن مان هڪ اها به هئي ته حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه دورِ خلافت ۾ زڪوات ادا ڪرڻ وارا ته گهڻا هئا، پر زڪوات وٺڻ وارو ڪو هڪ غريب به پئي مليو! حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جا گورنر پاڻ خط لکندا هئا. سائين! زڪوات جي رقم گڏ ٿي چڪي آهي، پر اسان کي علائقي ۾ ڪو به اهڙو محتاج ماڻهو نظر نٿو اچي جنهن کي هيءَ زڪوات ڏئي سگهون. ([1])
اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! ڪٿي 150 سالن جو عرصو ۽ ڪٿي صرف 30 مهينا...! ۽ نتيجو ڏسو! هڪ طرف 150 سالن ۾ دنيا جي وڏن وڏن فلسفين
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami