Share this link via
Personality Websites!
478468
9477
غير مسلم چنڊ تي پهچي ويا، وغيره وغيره. حقيقت جي اک سان ڏسجي ته حقيقت ۾ اها ڪا ڪافرن وڏي ترقي ناهي ڪئي، پر اسان پوئتي پئجي ويا آهيون! هن ڳالهه کي هڪ مثال سان سمجهو! هڪ شخص ڪار ۾ ويٺي ڪار هلائي رهيو هجي ۽ ٻيو شخص موٽرسائيڪل تي سوار هجي، ته ظاهر ڳالهه آهي ته ڪار جي رفتار وڌيڪ هوندي آهي، ان ڪري ڪار کي اڳيان نڪري وڃڻ گهرجي، پر جيڪڏهن ڪار هلائيندڙ پنهنجي ڪار 40 جي رفتار تي هلائي رهيو هجي ۽ موٽرسائيڪل سوار 80 جي اسپيڊ سان هلي رهيو هجي ته يقيناً موٽرسائيڪل اڳتي نڪري ويندي. هاڻي اسان ڇا چونداسين؟ ڇا موٽرسائيڪل ڪار کان وڌيڪ تيز رفتار آهي؟ هرگز نه...!! اسان چونداسين تيز رفتار ته ڪار ئي آهي، پر ڪار واري پنهنجي اوزار ۽ سهولت کي ڪم آڻڻ ۾ سستي کان ڪم ورتو.
اهو ساڳيو حال اسان جو به آهي. سئو سيڪڙو ترقيءَ، بلنديءَ ۽ دائمي ڪاميابيءَ جا جيڪي وسيلا ۽ ذريعا مسلمانن کي نصيب ٿيا آهن، اهي دنيا جي ڪنهن به ٻيءَ قوم وٽ موجود نه آهن، پر الميو هي آهي ته اسان انهن عظيم ذريعن کي غلاف ۾ ويڙهي الماڙين جو سينگار بڻائي رکي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن واقعي صحيح معنيٰ ۾ قرآنِ ڪريم جي نظامِ زندگيءَ کي سيني سان لڳائن، ته يقين ڄاڻو اسان جو معاشرو ڪجھ ڏينهن ۾ ترقي ڪري سگهي ٿو، ۽ هيءَ رڳو جذباتي ڳالهه ناهي بلڪ کليل حقيقت آهي. ان جو صرف هڪڙو مثال ٻڌو:
حضرت عُمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو دورِ خلافت
ڏسو! اڄڪلهه جي دور ۾ تقريبن هر طرف غربت جو روئڻ روئيو پيو وڃي. هن غربت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي طريقا اختيار ڪيا ويا ۽ اڄ به اختيار
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami