Share this link via
Personality Websites!
478466
9477
آهي. الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو: اي مسلمانو...!! اوهان کي قرآن ڏنو ويو، ان ڪري ته جيئن اوهان سڀاڻي هي نه چئو ته
لَوْ اَنَّاۤ اُنْزِلَ عَلَیْنَا الْكِتٰبُ لَكُنَّاۤ اَهْدٰى مِنْهُمْۚ-
ترجمو ڪنزُالعرفان: جيڪڏهن اسان تي ڪتاب لاٿو وڃي ها ته اسان انهن کان وڌيڪ هدايت يافته هجون ها. (سيپارو: 8، الانعام: 157)
يعني اي مسلمانو! سڀاڻي اهو عذر پيش نه ڪجو ته تورات وارن کي تورات ڏنو ويو پوءِ به اهي سڌي واٽ جا مسافر نه بڻيا، انجيل وارن کي انجيل ڏنو ويو هو تڏهن به دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي ماڻي نه سگهيا، جيڪڏهن اسان کي ڪتاب ملي ها ته اسان ان تي خوب عمل ڪريون ها، دنيا ۾ به ڪامياب رهون ها، آخرت جي به ڪاميابي حاصل ڪيون ها...!! وٺو ..!! اوهان کي سڀ کان اعليٰ ڪتاب قرآنِ مجيد عطا ڪيو ويو آهي. هاڻي ان تي سچي دل سان عمل ڪريو ۽ دنيا توڙي آخرت جون ڪاميابيون حاصل ڪيو.!
قرآن کان سواءِ ڪاميابيءَ جو ڪو رستو ناهي
سيپاري: 6، سورة المائدة جي آيت: 68 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:
قُلْ یٰۤاَهْلَ الْكِتٰبِ لَسْتُمْ عَلٰى شَیْءٍ حَتّٰى تُقِیْمُوا التَّوْرٰىةَ وَ الْاِنْجِیْلَ وَ مَاۤ اُنْزِلَ اِلَیْكُمْ مِّنْ رَّبِّكُمْؕ-
ترجمو ڪنزُالعرفان: اوهان فرمايو اي ڪتاب وارؤ! جيستائين توريت ۽ انجيل ۽ جيڪو ڪجھ توهان جي طرف توهان جي ربّ جي طرف کان نازل ڪيو ويو آهي ان کي قائم نٿا رکو ته توهان ڪنهن شيءِ تي ناهيو. (سيپارو: 6، المائده: 68)
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami