Share this link via
Personality Websites!
478430
9474
فرمايائون:
اَعْجَبَنِيْ جَمَالُكَ يَا عَمَّ النَّبِيِّ
ترجمو: اي نبي صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جا چاچا جان! مون کي اوهان جو حُسن ۽ جمال تمام گهڻو پسند آيو، ان ڪري مُرڪيو آهيان.
حضرت عباس بن عبدالمطلب رَضِيَ اللهُ عَنْهما عرض ڪيو: يا رسولَ الله! مرد جو حقيقي جمال ڇا آهي؟ فرمايائون: اَللِّسَانُ يعني مرد جي حقيقي خوبصورتي سندس زبان آهي.[1]
ہر ادا دِل نشیں بنی تیری ہر سخن جاں فِزَا ہوا تیرا
اے چمن بھیک ہے تبسم کی غنچہ غنچہ کھلا ہوا تیرا
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جيڪا روايت ٻڌي، ان مان اسان کي 2 ڳالهيون سکڻ لاءِ ملن ٿيون:
پهرين ڳالهه اها سکڻ لاءِ ملي ته اصل حُسن * رنگ روپ * چال ڍال * جسامت (Body) * شڪل شباهت (نين نقش) * مال ۽ دولت * مهانگا ڪپڙا * فَينسي هئير اسٽائل (Fancy Hair Style) ۾ ناهي، پر پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ماڻهوءَ جو اصل حُسن سندس زبان ۾ آهي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami