Share this link via
Personality Websites!
478454
9474
دَامَتْ بَرَکاتہم الْعَالِيَه سوالن جا جواب عنايت فرمائيندا. تمام ذميدار ۽ عاشقانِ رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت فرمائين ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏين.
شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتہم الْعَالِيَه يا خليفه اميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتہم الْعَالِيَه هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ يا ٻڌڻ جي ترغيب ارشاد فرمائيندا آهن. ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ رسالي ”پيدل هلڻ جا فائدا“ جو اعلان ڪيو ويندو. هيءُ رسالو پاڻ به پڙهو! ٻين کي به ترغيب ڏياريو ۽ جيڪي سوشل ميڊيا استعمال ڪن ٿا، رضاءِ الٰهي ۽ ثواب لاءِ هيءُ رسالو ٻين ڏانهن به شيئر (Share) ڪريو.
مڪتبة المدينه سڀني کان آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّمَ جي سيرت تي مشتمل زبردست سيرت سيريز بڪس (Seerat Series Books) بعنوان: ٻارن جا پيارا نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّمَ( Stories Books12) شايع ڪيا آهن، جنهن ۾ ٻارن جي دلچسپيءَ لاءِ پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّمَ جي سيرتِ مبارڪه کي ڪهاڻين جي صورت ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته جيئن ٻار ان کي آسانيءَ سان سمجهي سگهن. اهي 12 ڪتاب توهان مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 1 هزار روپين ۾ پاڻ به حاصل ڪريو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو.
پيارا اسلامي ڀائرو! سيپٽمبر مهيني جي ”نيڪ اعمال“ جا ڪارڊ پنهنجي علائقي جي نيڪ اعمال شعبي جي ذميدار وٽ جمع ڪرايو، ۽ جن اسلامي ڀائرن ”Naik amaal“ ايپ ۾ اندراج (انٽري) ڪيو آهي، اهي سمريءَ جي تصوير پنهنجي متعلقہ ذميدار ڏانهن موڪلي ڇڏين. ايندڙ مهيني لاءِ نيڪ اعمال جو رسالو 10 روپين جي قيمت ۾ مڪتبة المدينه تان حاصل ڪريو، ٿي سگهي ته پورا 12 مهينن جا 12 رسالا هڪ ئي ڀيري خريد ڪري وٺو. الله پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami