Share this link via
Personality Websites!
478452
9474
هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي ته اسان جي علائقي جو هڪ نوجوان، جيڪو پنهنجي والدين جو اڪيلو پٽ هو، غلط صحبت سبب نشي جو عادي بڻجي ويو هو. گهر کان ٻاهر رهڻ سندس معمول هو، جنهن ڪري ان جا والدين تمام گهڻو پريشان هئا. هڪ ڏينهن هڪ اسلامي ڀاءُ ان نوجوان کي سمجهائيندي کيس 63 ڏينهن جو تربيتي ڪورس ڪرڻ جي ترغيب ڏني. خوش قسمتيءَ سان هن مڃي ورتو ۽ تربيتي ڪورس ۾ شريڪ ٿي ويو.
اَلحمدُ للہ! ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ان نوجوان پنهنجي گهر فون ڪري ٻڌايو ته تربيتي ڪورس ۾ کيس تمام گهڻو لطف اچي رهيو آهي، وڌيڪ هي ته مون پنهنجن سڀني گناهن کان توبهه ڪري ورتي آهي، هاڻي مان باجماعت نمازون ادا ڪري رهيو آهيان، سنتون سکي رهيو آهيان ۽ مون کي تمام گهڻو سڪون ملي رهيو آهي. اَلحمدُ للہ! تربيتي ڪورس کان واپسيءَ تي هو واقعي بدلجي چڪو هو. سندس چهري تي ڏاڙهي ۽ مٿي تي عمامو سجيل هو.
اسلامي ڀاءُ جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ان نوجوان جي والده روئي روئي دعوتِ اسلامي وارن کي دعائون ڏيندي آهي ته الله پاڪ انهن کي سلامت رکي، جو انهن جي ڪوششن سان منهنجو بگڙيل پٽ نيڪ بڻجي ويو.
عطائے حبیبِ خدا دِینی ماحول ہے فیضانِ غوث و رضا دِینی ماحول
اگر سنَّتیں سیکھنے کا ہے جذبہ تم آ جاؤ دیگا سکھا دِینی ماحول ([1])
نعت ڪليڪشن (Naat Collection) موبائل ايپلي ڪيشن
اي عاشقانِ رسول! اڄ ٽيڪنالاجيءَ جو دور آهي. اَلحمدُ للہ! عاشقانِ رسول
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami