Share this link via
Personality Websites!
478451
9474
آهي * گهٽ ۾ گهٽ فرض علمِ دين، جهڙوڪ وضو، غسل، نماز، نمازِ جنازه، روزو، زڪوات وغيره جا ضروري مسئلا ته هر مسلمان سکي ئي وٺي، دعوتِ اسلامي ان جو عزم رکي ٿي * ان مقصد تحت دعوتِ اسلامي ڪيترائي شارٽ ڪورسز ڪرائيندي آهي جهڙوڪ * 7 ڏينهن جو فيضانِ نماز ڪورس * طهارت ڪورس * باطني طهارت ڪورس * اخلاقِ مصطفيٰ ڪورس * عقيده ختمِ نبوت ڪورس وغيره. ٻيا به ڪيترائي ڪورس آهن.
توهان به اِهي ننڍا ننڍا ڪورس ڪري وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! تمام گهڻيون برڪتون ملنديون * دين سکندؤ ته الله پاڪ راضي ٿيندو * رزق ۾ برڪت ٿيندي * علمِ دين جو خزانو ملندو * نيڪين ڪرڻ جو ذهن بڻجندو * الله پاڪ جي عبادت صحيح نموني ڪري سگهنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڪرم ئي ڪرم ٿيندو* ننڍن ڪورسن جو هي فائدو به هوندو آهي ته ماڻهو غير محسوس انداز ۾ گهڻو ڪجهه سکي وٺندو آهي * ڪم ڪار به نه سِيڙجندو (Disturb) آهي ۽ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ چڱي ڀلي معلومات ملي ويندي آهي * جيئن نماز آهي، ان جا احڪام ۽ مسئلا ته ايترا آهن جو ڪتاب ڀريا پيا آهن، اسان جهڙا ماڻهو ايڏا وڏا وڏا ڪتاب ڪيئن پڙهن؟ ايترو وقت ڪيئن ڪڍن؟ تنهنڪري آسان طريقو هي آهي ته 7 ڏينهن جو فيضانِ نماز ڪورس ڪري وٺون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! انهن وڏن وڏن ڪتابن جو نچوڙ اسان کي سيکاريو ويندو * وڌيڪ هي ته ديني ماحول به ملندو * نيڪ ماڻهن جي صحبت به نصيب ٿيندي، ان جون پنهنجيون برڪتون آهن.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami