Share this link via
Personality Websites!
478450
9474
پڙهن، ان تي غور ڪن، ٿورو سوچيو ته سهي...! اُهو قيامت جو 50 هزار سالن جو ڏينهن، ٽامي جي تَتَل زمين، باهه وَسائيندڙ سج، هر طرف نَفسِي نَفسِي جو عالَم، اهڙي حالت ۾ جڏهن ڪنهن کي جنت ڏانهن سڏيو ويندو ته ان جي دل ۾ ڪيڏي نه خوشي داخل ٿيندي، هُو پنهنجي قسمت تي رشڪ ڪندو، ڪيڏي نه اميد سان جنت ڏانهن ڊوڙندو، پر افسوس...! جيئن ئي جنت جي ويجهو پهچندو ته دروازو بند ڪيو ويندو، ٿورو تصور ته ڪريو! ان وقت کيس ڪيڏي نه شرمندگي ٿيندي، اميدن جا سڀئي ڏيئا يڪدم وِسامي ويندا، خوشيون ملهائڻ واري دل غمگين ٿي ويندي. افسوس! اِها حسرت، اِها ندامت ڪهڙي سبب ٿيندي...؟ ان ڪري ته هِي بدنصيب دنيا ۾ ٻين جي مذاق اُڏائيندو هو، قيامت جي ڏينهن ان کي هن بُري ڪم جو بدلو ڏنو ويندو.
بھائیوں کا دل دُکھانا چھوڑ دو اور تمسخر بھی اُڑانا چھوڑ دو([1])
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ۔
12 ديني ڪمن هڪ ديني ڪم: مدني ڪورسز
پيارا اسلامي ڀائرو! سنتِ مصطفيٰ تي عمل جو جذبو حاصل ڪرڻ ۽ سنتون سکڻ سيکارڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! دعوتِ اسلامي جي ديني ڪمن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم مدني ڪورسز به آهي.
اَلحمدُ للہ! * دعوتِ اسلامي علمِ دين جو نُورُ ورهائڻ واري ديني تنظيم
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami