Share this link via
Personality Websites!
478447
9474
گهڻو مُسڪرائڻ وارا هئا.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو ته گهر ۾ به مُرڪڻ گهرجي. ان سان جهيڙا ختم ٿيندا آهن، گهرن جي بيچيني دور ٿيندي آهي. هڪ واقعو بيان ڪيو ويندو آهي ته هڪ شخص هو، جيڪو گهريلو ناچاقين کان تمام گهڻو پريشان هو، روز سندن گهر ۾ جهيڙو ٿيندو هو، ٻارن جي ماءُ سان به هُن جي نه بڻجندي هئي. تمام گهڻو پريشان هو. هڪ ڀيري ڪنهن بزرگ سان سندس ملاقات ٿي. ان کي پنهنجي گهر جا حالات ٻڌايائون. ان بزرگ فرمايو: پٽ! اڄ جڏهن گهر پهچين ته دروازو کُلڻ سان ئي مُرڪي ڏجانءِ ۽ مُرڪي ڳالهائجانءِ.
ان شخص ان نسخي تي عمل ڪيو. گهر پهتو، دروازو کڙڪايائين، ٻارن جي اَميءَ دروازو کوليو، هي ان کي ڏسندي ئي مُرڪي پيو. سندس ٻارن جي ماءُ جڏهن هِن جي چهري تي مُرڪ ڏٺي ته اها به کِلي پئي. ۽ ٻنهي جا جهيڙا ۽ اختلاف ختم ٿي ويا.
پيارا اسلامي ڀائرو! سُنت ۾ ئي عظمت آهي. مُسڪرائڻ سُنت آهي، ان ۾ عظمت ئي عظمت آهي. مختلف طبي، نفسياتي (Psychological)۽ معاشرتي تحقيقن مطابق مُسڪرائڻ جي برڪت سان * مُثبت جذبن ۾ اضافو ٿيندو آهي * ذهني دٻاءَ ۾ گهٽتائي ايندي آهي * ناڪاري جذبات گهٽ ٿيندا آهن * ڪوليسٽرول ليول (Cholesterol level) تي مُثبت اثر پوندا آهن * رت جي نالين کي ڦهلجڻ ۾ مدد ملندي آهي * سُورُ برداشت ڪرڻ جي صلاحيت
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami