Share this link via
Personality Websites!
478429
9474
حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. ([1])
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي، اچو ته بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا. نيت ڪيو ته ! * الله جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * بااَدَب ويهندس* خوب توجهه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
مشهور مُحَدِث حضرت امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: هڪ ڀيري پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ جي پياري چاچا جان حضرت عباس بن عبدالمطلب رَضِيَ اللهُ عَنْهما سهڻو لباس پهريو، سندن رنگ مبارڪ اڳ ئي گورو هو، ان سهڻي لباس ۾ پاڻ تمام گهڻو خوبصورت لڳي رهيا هئا. ان ئي حالت ۾ پاڻ بارگاهِه رسالت ۾ حاضر ٿيا. پاڻ صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ پنهنجي پياري چاچا جان کي ڏٺو ته محبت جي شدت سبب مُرڪي ڏنائون!
حضرت عباس رَضِيَ اللهُ عَنْهُ عرض ڪيو:
مَا اَضْحَكَكَ يَا رَسُولَ اللَّهِ؟ اَضْحَكَ اللَّهُ سِنَّكَ!
ترجمو: يا رسولَ الله! الله پاڪ اوهان کي مُسڪرائيندو رکي، اوهان ڇو مُرڪيا؟
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami