Share this link via
Personality Websites!
478445
9474
ڏسو! اسان کي حڪم ڏنو پيو وڃي ته هي جيڪو مُرڪي ملڻ آهي، مُرڪي ڳالهائڻ آهي، ان کي به اسان کي حقير نه سمجهڻو آهي، ان کي به اهميت ڏيڻي آهي.
* ڀلي اسان ننڍڙي ٻار سان ملي رهيا هجون، ان سان به مُرڪي ملون! * گهر پهتا آهيون، گهر وارن سان مُرڪي ملون! * ماءُ پيءُ سان مُرڪي ملون! انهن کي ته پيار واري نظر سان ڏسڻ به مقبول حج جو ثواب آهي. ظاهر آهي ته پيار واري نظر ڪاوڙ سان ڀريل چهري سان ته نٿِي ٿِي سگهي، جڏهن پيار ايندو ته چهري تي مُرڪ به اچي ئي ويندي * ٻارن جي ماءُ سان مُرڪي ملون! * دوستن سان مُرڪي ملون! * مسلمان ڀائرن سان مُرڪي ملون! * مطلب ته جتي به هجون، چهري تي مُسڪراهٽ سجايل هجي!
* ها! جيڪڏهن قبرستان ۾ آهيون ته اتي مُسڪرائڻ درست نه آهي * جنازي تي مُرڪڻو نه هوندو آهي * تعزيت جي وقت چهري تي غم جا آثار هئڻ گهرجن * عيادت جي وقت موقعي جي مناسبت سان چهري جا تاثرات هجن * ڪو غم جي خبر ٻڌائي ته ان وقت چهري تي غم جي ڪيفيت آڻڻ گهرجي * ڪا سنجيده ڳالهه ٿي رهي هجي ته ان وقت سنجيده رهڻ گهرجي، مُسڪرائڻ نه گهرجي. مطلب ته هي تهذيب ۽ مُروت جا جيڪي دائرا آهن، اهي هر عقلمند سمجهي سگهي ٿو. جتي مُرڪڻ مناسب نه هجي، اتي نه مُرڪو! ان کان علاوه ٻين موقعن تي ته اسان کي مُسڪرائڻ ئي گهرجي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami