Share this link via
Personality Websites!
478444
9474
حضرت عيسيٰ عليه السَّلام نبي به آهن ۽ رسول به آهن، سندن رُتبو حضرت يحيٰ عليه السَّلام کان مٿانهون آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄڪلهه اسان وٽ ماڻهو مُسڪرائڻ کي گهڻي اهميت نه ٿا ڏين، ڪيترائي ماڻهو مَنَ جا موجي هوندا آهن، ڪنهن ڳالهه تي کين مُرڪ اچي وئي ته اچي وئي، نه ته سنجيده ئي رهندا آهن. ڏسو! ڪڏهن ڪڏهن ڄاڻي واڻي مُسڪرائڻو پوندو آهي. هي معاشرو آهي اسان معاشري ۾ رهون ٿا، پاڻ ۾ مِلُون جُلون ٿا، گڏ اُٿون ويهون ٿا، تنهنڪري اسان کي مُرڪڻ جي عادت بڻائڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن ڪو لطيفو نه ٻڌايو آهي، کلڻ واري ڪا ڳالهه نه ٿي آهي ته ڇا ٿي پيو...؟ مسلمان ڀاءُ جي زيارت نصيب ٿي آهي * اِها به مُسڪرائڻ جي ڳالهه آهي * گهر واپس پهچڻ نصيب ٿي ويو آهي، اِها به مُرڪڻ جي ڳالهه آهي * ٻارن کي ڏسڻ نصيب ٿيو، اِها به مُرڪڻ جي ڳالهه آهي * گهَرَ وارن کي خيريت سان ڏسڻ نصيب ٿيو، اِها به مُرڪڻ جي ڳالهه آهي. ته پوءِ مُسڪرائيندا رهو، اِها سُنت آهي، اسان کي پنهنجو پاڻ تي جبر ڪري اهڙي عادت بڻائڻي پوندي. تنهنڪري مُسڪرائڻ کي اهميت ڏيو! رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ فرمايو:
لَا تَحْقِرَنَّ مِنَ الْمَعْرُوفِ شَيْئًا
ترجمو: ڪنهن به نيڪي کي گهٽ نه سمجهو...!!
وَلَو اَنْ تُكَلِّمَ اَخَاكَ وَوَجْهُكَ اِلَيْهِ مُنْبَسِطٌ
ترجمو: توڙي توهان جو پنهنجي مسلمان ڀاءُ سان مُرڪي ڳالهائڻ ئي ڇو نه هجي. [1]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami