Share this link via
Personality Websites!
478442
9474
ڪم الله پاڪ کي محبوب آهي. اسان ڪهڙو ڪم اختيار ڪنداسين...؟ ظاهر آهي اسان مسلمان آهيون، اسان الله پاڪ جا ٻانها آهيون، اسان پنهنجي ربَ ڪريم جي رضا چاهينداسين. تنهنڪري اسان کي ٽَهڪ ڏيڻ کان بچڻ گهرجي. مُسڪرائيندا رهو! مُسڪرائيندا رهو ۽ خوب مُسڪرائيندا رهو.
پياري نبي، سٺي نبي، سچي نبي صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ فرمايو:
وَتَبَسُّمُكَ فِي وَجْهِ اَخِيْكَ صَدَقَةٌ
ترجمو: تنهنجو پنهنجي ڀاءُ جي سامهون مُسڪرائڻ صدقو آهي.[1]
هڪ مالي صدقو هوندو آهي. اُها هڪ الڳ نيڪي آهي، پر ٻين به ڪيترين ئي شين کي صدقو قرار ڏنو ويو آهي. انهن مان هڪ مُرڪي ملڻ به آهي. جڏهن اسان ڪنهن مسلمان ڀاءُ سان مُرڪي ملندا آهيون ته الله پاڪ صدقي جو ثواب عطا فرمائيندو آهي.
الله پاڪ جي محبوب نبي، رسولِ هاشمي صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جڏهن 2 مسلمان پاڻ ۾ ملن، هڪٻئي سان هٿ ملائن، هڪٻئي کي سلام ڪن، انهن مان جيڪو وڌيڪ خَندہ پيشاني (يعني مُرڪندي، کِليل کِليل چهري) سان ملندو، اهو الله پاڪ کي وڌيڪ پيارو آهي.
وڌيڪ فرمايائون: الله پاڪ انهن تي 100 رحمتون نازل فرمائيندو آهي، انهن مان 90 رحمتون ان لاءِ آهن، جنهن سلام ۾ اڳرائي ڪئي ۽ 10 رحمتون جواب ڏيڻ واري جي لاءِ آهن.[2]
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami