Share this link via
Personality Websites!
478441
9474
مُسڪرائيندا هئا ته سندن مبارڪ ڏَندن مان نور جون لاٽون نڪرنديون هيون، جنهن سان سامهون واريون ڀتيون روشن ٿي وينديون هيون.[1]
سُبْحٰنَ الله!
سوزنِ گم شدہ ملتی ہے تَبَسُّم سے تِرے شام کو صبح بناتا ہے اُجالا تیرا([2])
وضاحت: يعني پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّمَ جي مسڪراهٽ سان اهڙو نور نڪرندو آهي جو رات جي اونداهيءَ ۾ وڃائجي ويل سئي به ملي ويندي آهي ۽ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَ آلِهِ وَ سَلَّمَ جي چهره انور جي چمڪ شام کي به صبح ۾ بدلائي ڇڏيندي آهي.
مان عرض ڪري رهيو هئس ته پاڻ صلَّی اللہُ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ صرف تبسم فرمائيندا هئا، فقط مُسڪرائيندا هئا، آواز نه ايندو هو ۽ اسان جي ڇا حالت آهي...؟ اللهُ اکبر! هر وقت ٽَهڪ ڏنا ويندا آهن.
ٽَهڪ ڏيڻ گناهه نه آهي، پر پسنديده به نه آهي. حديث پاڪ ۾ آهي:
اَلْقَہْقَہَۃُ مِنَ الشَّیْطَانِ وَ التَّبَسُّمُ مِنَ اللہِ
ترجمو: ٽَهڪ شيطان جي طرف کان آهي ۽ تبسم الله پاڪ جي طرف کان آهي.[3]
يعني: ٽَهڪ ڏيڻ شيطان جو پسنديدهه عمل آهي ۽ تبسم الله پاڪ کي محبوب آهي.[4]
هاڻي اوهان پاڻ غور فرمايو! هڪ ڪم شيطان جو پسنديدهه آهي، هڪ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami