Share this link via
Personality Websites!
478083
9456
ڪريم مان ئي ٻڌو! وڏي ايمان افروز ڳالهه آهي، ان کان پوءِ اچڻ واري آيت ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ مَنْ یَّتَوَلَّ اللّٰهَ وَ رَسُوْلَهٗ وَ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا فَاِنَّ حِزْبَ اللّٰهِ هُمُ الْغٰلِبُوْنَ۠
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ جيڪو الله ۽ ان جي رسول ۽ مسلمانن کي پنهنجو دوست بڻائي ته بيشڪ الله جو ئي ٽولو غالب آهي.
(سيپارو: 6، سورة مائدة: 56)
يعني جيڪو الله پاڪ سان محبت ڪندو آهي، رسولِ پاڪ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم سان محبت ڪندو آهي، نيڪ سيرت متقي مسلمانن سان محبت ڪندو آهي، الله پاڪ کي به پنهنجو مددگار مڃيندو آهي، رسولِ ذيشان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم کي به پنهنجو مددگار مڃيندو آهي، الله پاڪ جي محبوب ٻانهن کي به پنهنجو مددگار تسليم ڪندو آهي، اهڙا خوش نصيب ۽ خوش عقيده ماڻهو الله پاڪ جو ٽولو آهن ۽ الله پاڪ جو ٽولو ڪڏهن به مغلوب نه ٿيندو آهي، هميشه غالب ئي رهندو آهي.
دشمن اگرچہ گھات میں ہے کوئی غم نہیں ان کی مدد رہے تو بگاڑ اپنا کیا سکے
عطّارؔ تیرے حامی و ناصِر ہیں مصطفےٰ کس کی مجال ہے کہ جو تجھ کو دبا سکے ([1])
جُتِي مبارڪ ڌاڙيلن جو ڪم پُورو ڪري ڇڏيو
شيخ ابو عَمرو ۽ شيخ عبدُ الحق حَرِيمي رَحمۃُ اللہِ علیہما فرمائن ٿا: 555 هجري جي ڳالهه آهي، 3 صفر شريف آچر (Sunday) جي ڏينهن اسان حضور غوثِ اعظم شيخ عبدُالقادر جيلاني رَحمۃُ اللہِ عَلَيْہ جي مدرسي ۾ حاضر هئاسين، ان وقت حضور غوثِ اعظم رَحمۃُ اللہِ عَلَيْہ ڪاٺ جون چپلون پاتيون ۽ وضو فرمايائون، وضو ڪرڻ کان پوءِ پاڻ 2 رڪعتون نفل ادا فرمايائون، نماز کان فارغ ٿي پاڻ بلند آواز
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami