Share this link via
Personality Websites!
478079
9456
(2): پوءِ فرمايو: سچن سان گڏ ٿي وڃو....!!
هتي هڪ سوال ذهن ۾ پيدا ٿئي ٿو ته جڏهن ايمان به حاصل ٿي ويو، تقويٰ به حاصل ڪري ورتي ته ان کان پوءِ سچن سان گڏ رهڻ جو حڪم ڇو ڏنو پيو وڃي؟ ماڻهو ايمان وارو به آهي، نيڪ پرهيزگار ۽ تقويٰ وارو به آهي، اڃان به سچن جي ساٿ جي ضرورت ڇو آهي؟
مشهور مفسرِ قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحمۃُ الله عَلَيْہ ان جو تمام خوبصورت جواب ڏنو آهي. مان توهان کي هڪ مثال ذريعي سمجهايان ٿو. اسان وٽ عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته اسان کي سفر ڪرڻو هجي، رات جو وقت هجي، رستو ويران هجي ته گذرڻ وقت ڊپ لڳندو آهي، خوف ٿيندو آهي ته ڪٿي ڪو ڌاڙيل نه اچي وڃي، رستي ۾ ڪو لُٽي نه وڃي. اهڙي حالت ۾ اسان وٽِ جيڪي موٽر سائيڪل وارا هوندا آهن اُهي ڇا ڪندا آهن؟ جو ٿورو بيهي انتظار ڪندا آهن، ڪا ٽرڪ يا ڪو ٽرالو وغيره يا ڪا وڏي گاڏي ايندي آهي ته ان جي پٺيان پٺيان هلڻ شروع ڪندا آهن، ائين ڪرڻ سان کين تسلي ٿيندي آهي، خوف ناهي رهندو.
مفتي صاحب رَحمۃُ الله عَلَيْہ فرمائن ٿا: (يعني هتي به اهڙو ئي معاملو آهي) * ايمان به قبول ڪري ورتوسين * نيڪ عمل به ڪندا آهيون * نمازون به پڙهندا آهيون * روزا به رکندا آهيون * زڪوات به ڏيندا آهيون * حج به ڪري چڪا آهيون * تلاوت به ڪندا آهيون ۽ * ٻيا به نيڪ عمل ڪندا رهندا آهيون، پر ياد رکو! رستو ڏاڍو خطرناڪ آهي، هن رستي ۾ شيطان به آهي، جنهن جي دعويٰ آهي ته * مان اڳيان، پويان، ساڄي ۽ کاٻي طرف کان حملو ڪندس * ايمان به کَسِيندس * اعمال به برباد ڪندس * هن رستي تي نفسِ اماره جو به خطرو آهي ۽ ٻيا به ڪيترائي خطرا موجود آهن، تنهنڪري
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami