Share this link via
Personality Websites!
478077
9456
سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
هڪ بزرگ هئا: شيخ طاهر بندگي لاهوري رَحمۃُ الله عَلَيْہ. حضور مُجَدِّدۡ اَلۡف ثاني رَحمۃُ الله عَلَيْہ جا 2 شهزادا انهن وٽِ پڙهندا هئا. هڪ ڀيري ائين ٿيو جو حضور مُجَدِّدۡ اَلۡف ثاني رَحمۃُ الله عَلَيْہ عالمِ ڪشف ۾ (لَوحِ مَحفوظ تي نظر وڌي ۽) ڏٺائون ته شيخ طاهر بندگي لاهوري شقي آهن (يعني انهن جو خاتمو سٺو نه ٿيندو). حضرت مُجَدِّدۡ اَلۡف ثاني رَحمۃُ الله عَلَيْہ اها ڳالهه پنهنجي پٽن کي ٻڌائي ڇڏي. هاڻي جڏهن ٻئي شهزادا استاد صاحب جي خدمت ۾ پهتا ته سندن چهري تي پريشاني هئي. استاد صاحب پڇيو: پٽ! ڇا ڳالهه آهي؟ شهزادن سچي ڳالهه ٻڌائي ته بابا سائين کي ڪشف ٿيو آهي، انهن ٻڌايو آهي ته توهان جو انجام سٺو نه ٿيندو.
هاڻي هي شيخ طاهر بندگي لاهوري رَحمۃُ الله عَلَيْہ جيڪڏهن ڪنهن غرور ۽ وڏائي ۾ رهڻ وارا شخص هجن ها ته اُلٽو فتوائون لڳائڻ ۾ دير نه ڪن ها، مَعَاذَ الله! مُجَدِّدۡ اَلۡف ثاني رَحمۃُ الله عَلَيْہ کي برو ڀلو چوڻ لڳن ها پر هي ولين جا عاشق هئا، ولين سان عقيدت رکڻ وارا هئا. کين معلوم هو ته مُجَدِّدۡ اَلۡف ثاني رَحمۃُ الله عَلَيْہ سچا ولي آهن، تنهنڪري شهزادن کي ئي چيائون ته پنهنجي والد صاحب کي چئو ته منهنجي حق ۾ دعا فرمائن، جنهن ربِ ڪائنات انهن تي منهنجي تقدير ظاهر ڪئي آهي، انهن جي دعا سان هُو منهنجي تقدير بدلائڻ تي به قدرت رکي ٿو.
هاڻي شهزادا گهر پهتا، والد صاحب جي خدمت ۾ عرض پيش ڪيائون، حضور مُجَدِّدۡ اَلۡف ثاني رَحمۃُ الله عَلَيْہ دعا لاءِ هٿ کنيا، پوري توجهه سان دعا فرمايائون پر تقدير اٽل هئي، اها نه بدلي. حضرت مُجَدِّدۡ اَلۡف ثاني رَحمۃُ الله عَلَيْہ فرمائن ٿا: ان
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami