Share this link via
Personality Websites!
478102
9456
آهي. هي رسالو مكتبةُ المدينه جي ڪنهن به شاخ تان 32 روپين ۾ خريد فرمايو. پاڻ به مطالعو ڪريو! ٻين کي به ان جي دعوت ڏيو!
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ زندگي گذارڻ جا ڪجهه آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان. تاجدارِ رسالت، شهنشاههِ نبوت صَلَّی الله عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِيَ فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
2 فرامينِ مصطفيٰ صَلَّی الله عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم: (1): سچ ڳالهائڻ نيڪي آهي ۽ نيڪي جنت ۾ وٺي ويندي آهي. ([2]) (2): پاڻ صَلَّی الله عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم کان پڇيو ويو: جنتي عمل ڪهڙو آهي؟ فرمايائون: سچ ڳالهائڻ. ([3])
اي عاشقانِ رسول! سچ ڳالهائڻ سنتِ مصطفيٰ آهي * اسان جا پيارا آقا، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّی الله عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم هميشه سچ ڳالهائيندا هئا * انهيءَ ڪري ماڻهو پاڻ صَلَّی الله عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم کي صادق ۽ امين جي لقب سان سڃاڻيندا هئا * حضرت عبدالله بن سلامرَضِیَ الله عنہ اڃان ايمان نه آندو هو ته پاڻ صَلَّی الله عَلَيْهِ وَ آلِهٖ وَسَلَّم کي ڏسڻ سان ئي پڪاري چيائون: وَجْھُہٗ لَیْسَ بِوَجْہِ کَذَّابٍ هي مبارڪ چهرو ڪوڙ ڳالهائڻ واري جو چهرو نه آهي. پوءِ پاڻ رَضِیَ الله عنہ اسلام قبول ڪري ورتو.
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami