Share this link via
Personality Websites!
478091
9456
آهن. تنهنڪري جن جي تعليم تي الله پاڪ کان گهرندا آهيون، انهن جي ئي ترغيب تي اسان اولياءِ ڪرام رَحمۃُ اللہِ علیہم کان به مدد گهرندا آهيون.
وَلِين جي مدد الله پاڪ جي ئي مدد آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! هتي هيءَ ڳالهه به ياد رکو ته: ولين جي مدد اصل ۾ غيرُ الله جي مدد نه آهي، اها الله پاڪ جي ئي مدد آهي، جيڪا ولين جي ذريعي ملندي آهي. جيئن الله پاڪ رزّاق آهي، اهو ئي رزق ڏيندو آهي پر هر هڪ تائين رزق پهچڻ جا ذريعا (Sources) مختلف آهن * ڪنهن کي دڪان جي ذريعي رزق ملندو آهي * ڪو نوڪري (Job) ڪري رزق حاصل ڪندو آهي * ڪو پنهنجو ڪاروبار (Business) ڪندو آهي * ڪنهن کي سيٺ جي هٿان ملي رهيو آهي * ڪنهن کي حڪومت ڏيندي آهي * ڪو گراهڪ کان وصول ڪندو آهي. رزّاق ته الله پاڪ ئي آهي، ڏيندو اُهو ئي آهي پر انهن ذريعن سان عطا فرمائيندو آهي. اهڙي طرح مدد الله پاڪ جي ئي آهي، اُهو مدد فرمائيندو آهي پر ان جي مدد حاصل ٿيڻ جا ذريعا مختلف آهن. ڪنهن کي داتا حضور جي ذريعي الله پاڪ جي مدد ملندي آهي، ڪنهن کي خواجه اجمير رَحمۃُ اللہِ عَلَيْہ جي ذريعي ملندي آهي ۽ ڪنهن کي المدد يا غوثِ پاڪ پڪارڻ سان ملي ويندي آهي. ڏسو! غزوهءِ بدر جي موقعي تي الله پاڪ فرشتن کي مدد لاءِ موڪليو. الله پاڪ فرمائي ٿو:
اِذۡ یُوۡحِیۡ رَبُّکَ اِلَی الۡمَلٰٓئِکَۃِ اَنِّیۡ مَعَکُمۡ فَثَبِّتُوا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا ؕ
ترجمو ڪنزالعرفان: ياد ڪر اي محبوب! جڏهن اوھان جي رب ملائڪن ڏانھن وحي موڪلي ته مان توهان سان گڏ آهيان توهان مسلمانن کي ثابت قدم رکو.
(سيپارو: 9، سورة انفال: 12)
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami