Share this link via
Personality Websites!
478084
9456
سان پڪاري ڪجهه چيائون ۽ هڪ چپل هوا ۾ اڇلائي ڇڏيائون، پوءِ اهڙي طرح ٻي به اڇلايائون، ٻئي ڪاٺ جون چپلون اسان جي نظرن کان غائب ٿي ويون. پاڻ ٻيهر پنهنجي جاءِ تي ويهي رهيا. اسان مان ڪنهن کي به واقعي (Incident) بابت معلوم ڪرڻ جي جرئت نه ٿي.
23 ڏينهن گذرڻ کان پوءِ غوثِ پاڪ رَحمۃُ اللہِ عَلَيْہ جي مدرسي ۾ هڪ قافلو آيو. قافلي وارن چيو: اسان کي غوثِ پاڪ رَحمۃُ اللہِ عَلَيْہ جي خدمت ۾ نذرانو پيش ڪرڻو آهي، تنهنڪري اسان غوثِ پاڪ رَحمۃُ اللہِ عَلَيْہ کان اجازت (Permission) طلب ڪئي. فرمايائون: قافلي وارن کي اندر اچڻ ڏيو ۽ جيڪو ڪجهه اهي ڏين، کانئن وٺو! اسان قافلي وارن کي اندر اچڻ ڏنو. هنن تمام گهڻو سامان پيرانِ پير حضور غوثِ پاڪ رَحمۃُ اللہِ عَلَيْہ جي بارگاهه ۾ نذراني طور پيش ڪيو. ان سامان ۾ حضور غوثِ پاڪ رَحمۃُ اللہِ عَلَيْہ جون ڪاٺ جون چپلون به هيون. اِهو ڏسي اسان کي حيرت ٿي. اسان قافلي وارن کان پڇيو: هِي توهان کي ڪٿان مليون؟ انهن چيو: 3 صفر شريف جي ڳالهه آهي، اسان تي ڌاڙيلن حملو (Attack) ڪيو، اسان جا ڪيترائي ماڻهو قتل ڪري ڇڏيائون ۽ سامان به لُٽي ورتائون. ڌاڙيل اسان جو مال هڪ طرف کڻي وڃي پاڻ ۾ ورهائي رهيا هئا، ان وقت اسان نيت ڪئي ته غوثِ پاڪ شيخ عبدُالقادر جيلاني رَحمۃُ اللہِ عَلَيْہ اسان جي مدد (Help) فرمائن ۽ اسان هن مصيبت کان بچي وڃون ته غوثِ پاڪ رَحمۃُ اللہِ عَلَيْہ جي خدمت ۾ نذرانو پيش ڪنداسين.
اسان اڃان پاڻ ۾ اِها ڳالهه ڪري ئي رهيا هئاسين ته جنگل ۾ 2 بلند آواز ٻڌڻ ۾ آيا، جن سان سڄو خاموش جنگل گونجي اٿيو، ڌاڙيل به ڊڄي ويا. پوءِ ڪجهه ئي گهڙين کان پوءِ هڪ ڌاڙيل ڊنل ۽ گهٻرايل اسان وٽ آيو ۽ چيائين: اچو!
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami