Share this link via
Personality Websites!
477890
9448
جان وجهڻ جو اثر رکي ٿي، هي جبرائيل عَلَيۡهِ السَّلَام ڪير آهن؟ ملائڪن جا سردار ۽ اسان جي پياري نبي، محمد عربي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم جا خادم. هاڻي اسان ڇو نه چئون:
چاہیں تو اشاروں سے اپنے کایا ہی پلٹ دیں دُنیا کی
یہ شان ہے اُن کے غلاموں کی سرکار کا عالم کیا ہو گا
الله! الله! اندازو لڳايو! جڏهن خادم جي، گهوڙي جي قدمن سان لڳڻ واري مٽي اهڙي آهي ته الله جي نعمت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم جا مبارڪ قدم جنهن خاڪ تي لڳي وڃن ان خاڪ جو رتبو ڇا هوندو! عاشقن جا امام، اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رحمةُ اللہ عليہ ان خاڪِ پاڪ جو شان بيان ڪن ٿا:
ذَرَّے جھڑ کر تیری پیزاروں کے تاجِ سَر بنتے ہیں، سیاروں کے([1])
وضاحت: يا رسولَ اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم! اوهان جي نعلين شريف کي مبارڪ قدمن سان نسبت ٿي، نعلين شريف کي مٽيءَ چميو، هي مٽي جيڪا نعلين پاڪ مان برڪت ميڙي رهي آهي، ان مٽي جا ذرا نعلين شريف مان ڇڻن ٿا ته انهن ذرن کي آسمان جا سيارا، سج، چنڊ، مشتري، زحل وغيره پنهنجي مٿي جو تاج بڻائي وٺن ٿا.
پيارا اسلامي ڀائرو! هي واقعو ٿيو ته بني اسرائيل گابي جي پوڄا ڪري
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami