Share this link via
Personality Websites!
477886
9448
ڪيو ويو آهي، اچو! پهريان اهو واقعو ٻڌون ٿا، پوءِ قرآني آيت ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ ان مان سبق پرائڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
واقعو هيئن ٿيو جو جڏهن فرعون غرق ٿيو، بني اسرائيل کي ان کان آزادي نصيب ٿي، بني اسرائيل خوشيءَ سان زندگي گذارڻ لڳا، هاڻي الله پاڪ حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام کي حڪم ڏنو: اي موسيٰ! توهان ڪوھِ طور تي اچو! توهان کي هڪ ڪتاب ڏنو ويندو.
پهريان 30 ڏينهن ڪوهِ طور تي اعتڪاف ڪرڻ جو حڪم ٿيو، تنهنڪري حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام پنهنجي ڀاءُ حضرت هارون عَلَيۡهِ السَّلَام جيڪي پاڻ به نبي آهن، انهن کي پنهنجو خليفو بڻائي پاڻ ڪوهِ طور تي تشريف کڻي ويا. ([1]) 30 ڏينهن اعتڪاف فرمايو، روزا رکيا، آخري ڏينهن جڏهن الله پاڪ سان همڪلامي جو شرف نصيب ٿيڻو هو، حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام مسواڪ ڪئي، نظافت ۽ پاڪيزگي اختيار ڪئي ۽ الله پاڪ جي حضور حاضري لاءِ تيار ٿي ويا. جڏهن همڪلامي جو شرف مليو ته الله پاڪ فرمايو: اي موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام! روزا رکڻ سان توهان جي وات ۾ جيڪا مهڪ هئي، اها منهنجي ويجهو مشڪ کان به وڌيڪ عزيز آهي، توهان مسواڪ ڪري اها مهڪ ختم ڪري ڇڏي، تنهنڪري هاڻي وڌيڪ 10 روزا رکو! ([2])
سُبْحٰنَ اللہ! خبر پئي: روزو تمام گهڻو پسنديده عبادت آهي، روزو رکڻ سان بک جي ڪري وات ۾ جيڪا هڪ خاص قسم جي مهڪ ٿي ويندي آهي، الله
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami