Share this link via
Personality Websites!
477902
9448
چئو * بستري تان اٿڻ جي لائق ٿيا، اَلحَمۡدُلله! چئو * پيرَ سلامت آهن، جُتي پائڻ جي قابل آهيو، اَلحَمۡدُلله! چئو * بيهڻ جي لائق آهيو، اَلحَمۡدُلله! چئو * گوڏا حرڪت ڪري رهيا آهن يعني هلڻ جي قابل آهيو، اَلحَمۡدُلله! چئو * ڪم لاءِ نڪتا، الله پاڪ توفيق ڏني آهي ته نڪتا آهيو، تنهنڪري اَلحَمۡدُلله! چئو * شام جو گهر پهچي ويا، اَلحَمۡدُلله! چئو * ٻارن کي ڏٺو، اَلحَمۡدُلله! چئو * پاڻي پيتو ته اَلحَمۡدُلله! * ماني کاڌي ته اَلحَمۡدُلله! * چانهه پيتي ته اَلحَمۡدُلله!. ايئن اَلحَمۡدُلله! چوڻ جي عادت بڻائي وٺو. ان جو فائدو ڇا ٿيندو؟ هڪ هي ته اسان شڪر گذار بڻجڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، پوءِ ان سان گڏ بيشمار نيڪيون ۽ ڀلايون به نصيب ٿينديون.
الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ ھاشمي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم صحابہءِ ڪرام رضيُ اللھ عنھم کان پڇيو: ڍالون (يعني دشمن جي وارَ کان بچڻ جي لاءِ استعمال ٿيڻ وارا ھٿيار) کڻي وٺو! صحابہءِ ڪرام رضيُ اللھ عنھم عرض ڪيو: يَا رسولَ اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم ! ڇا دشمن حملو ڪيو آهي؟ فرمايائون: نه بلڪه جهنم جي مقابلي ۾ پنهنجيون ڍالون کڻي وٺو ۽ سُبْحٰنَ اللہِ وَالْحَمْدُللہِ وَلَا اِلٰہَ اِلَّا اللہُ وَاللہ اَکْبَرْ پڙهندا ڪريو ڇو ته هي ڪلما قيامت جي ڏينهن اڳيان ۽ پويان توهان جي حفاظت ڪندا. ([1]) اسان جي پياري نبي، مڪي مدني، محمدِ عربي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم صحابہءِ ڪرام رضيُ اللھ عنھم کي فرمايو: ڇا توهان مان ڪو روزانو احد جبل جي برابر عمل جي طاقت رکي ٿو؟ عرض ڪيائون: يا رسولَ اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم ! روزانو احد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami