Share this link via
Personality Websites!
477898
9448
ثُمَّ عَفَوْنَا عَنْكُمْ مِّنْۢ بَعْدِ ذٰلِكَ
ترجمو ڪنزُالعرفان: پوءِ ان کان بعد اسان توھان کي معافي عطا فرمائي.
(سيپارو: البقرة: 52)
علماءِ ڪرام هتي هڪ سوال اٿاريو، پوءِ ان جو جواب به ڏنو، سوال هي آهي ته قبطي جيڪي هئا، يعني فرعون جي قوم وارا، انهن جو به اهو ئي جرم هو، انهن فرعون کي خدا مڃي ورتو هو، ان جي عبادت ڪري شرڪ ڪندا هئا، بني اسرائيل بہ اھو ئي جُرم ڪيو، قبطين ته هڪ جيئري جاڳندي انسان کي خدا مڃيو هو، بني اسرائيل پنهنجي اکين سامهون گابو ٺهندي ڏٺو، پوءِ ان کي ئي خدا مڃي شرڪ ۾ مبتلا ٿي ويا.
يعني جرم هڪ جهڙو آهي پر قبطين کي غرق ڪيو ويو، بني اسرائيل کي غرق نه ڪيو ويو، انهن کي توبه جي توفيق بخشي وئي، آخر ان ۾ ڪهڙي حڪمت آهي؟ علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: هن سوال جو جواب آيتِ ڪريمه جي آخر ۾ ڏنو ويو، ارشاد ٿيو:
لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُوْنَ(۵۲)
ترجمو ڪنزُالعرفان: تہ جيئن توھان شڪر ادا ڪريو. (سيپارو: 1، البقرة: 52)
ڄڻ ته فرمايو پيو وڃي: اي بني اسرائيل! جرم فرعونين جو به اهو ئي هو پر انهن جي اندر شڪر جي اهليت ختم ٿي چڪي هئي، تنهنڪري انهن کي غرق ڪيو ويو، توهان جي اندر شڪر جي اهليت موجود آهي، تنهنڪري
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami