Share this link via
Personality Websites!
477896
9448
۾ ڪِري پوندا آهن.
ديوانن جو هي انداز ٻڌائي ٿو ته اسان داتا حضور سان محبت ضرور ڪندا آھيون پر انهن کي خدا ناھيون مڃيندا، سجدو صرف هڪ وَحْدَہٗ لَاشَرِیْک کي ئي ڪندا آھيون.
هڪ دل ۾ ايتريون محبتون ڪيئن...؟
هڪ ڀيرو حضرت امام حسن مجتبى رَضِىَ اللهُ عَنْهُ پنهنجي والدِ محترم حضرت عليُ المرتضى رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان پڇيو: بابا سائين! ڇا توهان کي مون سان محبت آهي؟ فرمايائون: بلڪل آهي. پڇيائون: ڀاءُ حسين سان به آهي؟ فرمايائون: بلڪل آهي. پڇيائون: امڙ (سيده فاطمه رضي اللہ عنها) سان به آهي؟ فرمايائون: بلڪل آهي. پڇيائون: نانا جان حضرت محمد مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم سان به محبت آهي؟ فرمايائون: بلڪل آهي. پوءِ پڇيائون: الله پاڪ سان به محبت آهي؟ فرمايائون: ها! بلڪل آهي. عرض ڪيائون: بابا سائين! ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، دل هڪ آهي، هڪ دل ۾ ته هڪ ئي محبوب رهي سگهي ٿو، توهان جي هڪ دل ۾ ايتريون ساريون محبتون ڪيئن سماجي ويون آهن؟ هاڻي موليٰ علي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جيڪي بَابُ مَدِیْنَۃِ الْعِلْمِ (يعني علم جي شھر جو دروازو) آهن، انهن جو جواب ٻڌو! فرمايائون: پٽ! ڇا توهان نٿا ڏسو، جڏهن نماز جو وقت ٿي ويندو آهي ته مان توهان سڀني کان ڌار ٿي الله پاڪ جي حضور حاضر ٿي ويندو آهيان (هي هن ڳالهه جي دليل آهي ته اصل ۾ هڪ ئي محبت آهي، باقي سڀ محبتون الله پاڪ جي محبت جي ڪري آهن). ([1])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami