Share this link via
Personality Websites!
477895
9448
نٿو رکان ته منهنجي پٺيان توهان شرڪ ۾ مبتلا ٿي ويندؤ! ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! ڄڻ ته رسولِ ذيشان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم هي گارنٽي ڏئي رهيا آهن ته هي اُمت امتِ توحيد آهي، هي امت ڪڏهن به شرڪ ۾ مبتلا نه ٿيندي. ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! هن فرمانِ ذيشان جي فيضان جي هڪ مختصر جهلڪ پيش ڪريان: اسان جي ملڪِ عزيز پاڪستان ۾ حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي مزار پاڪ تمام مشهور آهي، پري پري کان ماڻهو هتي سلام ڪرڻ حاضر ٿيندا آهن، الحمد للہ! داتا حضور جا ديوانا به دنيا ڀر ۾ تمام گهڻا آهن.
داتا حضور جي مزار پاڪ ڪجهه اهڙي انداز سان آهي جو اتي جيڪڏهن نماز پڙهون ته مزار پاڪ ڏانهن پٺي هوندي آهي. واللہ! هي هن امت جي توحيد تي استقامت جو مثال آهي ته داتا حضور جا ديوانا وڏي ذوق سان، وڏي شوق سان، وڏي محبت سان پري پري جو سفر ڪري هتي پهچندا آھن، سلاميون عرض ڪندا آھن، ڪيترا ئي ڀيرا ڏٺو ويو آهي ته جڏهن مزار پاڪ کان واپس موٽندا آھن ته پوئين پيرَ تي ھلندا آھن ته جيئن مزار پاڪ کي پُٺي نه ٿي وڃي پر قربان وڃجي! هي توحيد پرستي جي نشاني آهي ته جيئن ئي اذان ٿيندي آهي، نماز قائم ٿيندي آهي، اهي ئي ديوانا داتا حضور جي مزار ڏانهن ئي پٺي ڪري بيهي رهندا آهن ۽ هڪ وَحْدَہٗ لَاشَرِیْک جي حضور سجدي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami