Share this link via
Personality Websites!
477483
9428
دروازي تان ئي ملندي آهي * جهڙي طرح لوهه کي زنگ لڳي ويندو آهي، تهڙي طرح دل تي به غفلت ۽ گناهن جي مَرُ چڙهي ويندي آهي. جيئن لوهه جو زنگ لاهڻ لاءِ مختلف قسم جا اوزار استعمال ڪيا ويندا آهن، تهڙي طرح اولياءِ ڪرام اُهي آهن، جيڪي اسان جي دلين تان زنگ لاهيندا آهن، دل کي نورِ الٰهي سان چمڪائيندا آهن ۽ اللہ پاڪ جي قرب جو حقدار بڻائيندا آهن. ([1])
جو ہو اللہ کا ولی اُس کا فیض دنیا میں عام ہوتا ہے ([2])
(1): وَلي دلين کي زندهه ڪندا آهن
سيپارو: 29، سورة مُرسلات جي آيت نمبر 5 ۾ ارشاد ٿيو آهي:
فَالْمُلْقِیٰتِ ذِكْرًاۙ(۵)
ترجموڪنزالعرفان: پوءِ ذڪر جي القاءِ ڪرڻ وارين جو. (پارو: 29، سورة مُرسلات: 5)
هڪ قول جي مطابق هن آيتِ ڪريمه ۾ اولياءِ ڪرام جي وصف بيان ڪئي وئي آهي.([3]) مطلب هي آهي ته اولياءِ ڪرام ماڻهن جي دلين ۾ ذِڪر داخل ڪري ڇڏيندا آهن، يعني اولياءِ ڪرام جي صحبت ۾ ويهڻ سان، انهن جي نگاههِ ڪرم سان، انهن جي توجهه فرمائڻ سان دل ۾ ايمان جو نورُ وڌي ويندو آهي، ايمان جي حلاوت نصيب ٿيندي آهي، عبادت ۾ دل لڳي ويندي آهي، دل تان گناهن جي مَرُ ڌوپجي ويندي آهي، دل ذِڪر ۽ فڪر ۾ مشغول ٿي اللہ پاڪ جي ياد سان آباد ٿي ويندي آهي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami