Share this link via
Personality Websites!
477482
9428
صرف مسلمان ۽ اهي به جيڪي عاشقِ رسول آهن، اهي ئي ولايت جي درجي تائين پهچن ٿا، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته اللہ پاڪ تائين پهچڻ جا ٻيا سمورا رستا بند ٿي چڪا آهن، صرف ۽ صرف حبيبِ خدا، محمدِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي پيروي ئي اهو واحد رستو آهي، جنهن ذريعي اللہ پاڪ جو قرب حاصل ٿي سگهي ٿو.
تنهنڪري اولياءِ ڪرام جو وجود اسان کي اِهو ٻڌائي ٿو ته اسلام واقعي سچو دين آهي، جو ان جي تعليمات تي ماڻهو عمل ڪندا آهن ۽ الله پاڪ انهن کي پنهنجي فضل سان ولايت جي بلند درجن تائين پهچي رهيو آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! اولياءِ ڪرام جون تمام گهڻيون برڪتون آهن. انهن جو دنيا ۾ موجود هجڻ دنيا ۽ آخرت جي ڪيترين ئي برڪتن جو سبب آهي. مشهور مفسرِ قرآن، مفتي احمد يار خان نعيمي رحمۃُ اللہِ علیہ فرمائن ٿا: * هن دنيا ۾ ڪجهه شيون اهڙيون آهن، جيڪي فيض وٺنديون آهن ۽ ڪجهه اهڙيون آهن جيڪي فيض ڏينديون آهن، مثال طور: سج، هَوا، برسات، اِهي سڀ فيض لٽائڻ واريون شيون آهن، زمين، ٻَنِي ۽ ساوڪ وغيره فيض وٺڻ واريون شيون آهن. اهڙي طرح عالمِ روحاني ۾ به ڪجهه هستيون فيض ڏيڻ واريون آهن ۽ ڪجهه ماڻهو فيض وٺڻ وارا آهن. اسان عام ماڻهو فيض وٺڻ وارا آهيون ۽ اولياءِ ڪرام فيض ڏيڻ وارا آهن. تنهنڪري جهڙي طرح دنيا کي مِينهَن ۽ اُس جي ضرورت آهي، اهڙي طرح هن ڪائنات کي به اولياءِ ڪرام جي وجود جي ضرورت آهي * وڌيڪ لکن ٿا: ايمان جي باري ۾ معلومات علماءِ ڪرام ڏيندا آهن، پر ان ايمان تي استقامت ۽ ايمان جي حفاظت اولياءِ ڪرام جي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami