Share this link via
Personality Websites!
477508
9428
۽ عورت کي پهچي يا هر ڀيري سڀني کي ايصالِ ثواب ڪيو وڃي ۽ اهو ئي اَنسب (يعني وڌيڪ مناسب) آهي. ياد رکو! ايصالِ ثواب صرف ان صورت ۾ ٿي سگهندو، جڏهن اُهو کاڌو ڪنهن سٺي نيت سان کاڌو وڃي، مثال طور عبادت تي قوت حاصل ڪرڻ جي نيت سان کاڌو ته اهو کائڻ ثواب وارو ڪم ٿيو ۽ ان جو ايصالِ ثواب ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن هڪ به سٺي نيت نه هجي ته کاڌو کائڻ مباح آهي، يعني ان تي نه ثواب آهي نه گناهه. پوءِ جڏهن ثواب ئي نه مليو ته ايصالِ ثواب ڪهڙو! پر جيڪڏهن ٻين کي ثواب جي نيت سان کارايو هجي ته ان کارائڻ جو ثواب ايصال ڪري سگهجي ٿو. (8): جيڪڏهن ممڪن هجي ته هر روز (نفعي تي نه، پر) پنهنجي وِڪري (Sale) جو چوٿائي سيڪڙو (يعني چار سؤ رپين تي هڪ رپيو) ۽ ملازمت ڪرڻ وارا پنهنجي ماهوار پگهار جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ سيڪڙو سرڪارِ غوثِ اعظم رحمۃُ اللہِ علیہ جي نياز لاءِ ڪڍندا ڪريو، ايصالِ ثواب جي نيت سان ان رقم مان ديني ڪتاب خريد ڪري ورهايو يا ڪنهن به نيڪ ڪم ۾ خرچ ڪريو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ان جون برڪتون پاڻ ئي ڏسي وٺندؤ. (9): مسجد يا مدرسو تعمير ڪرائڻ صدقهءِ جاريه ۽ ايصالِ ثواب جو بهترين ذريعو آهن. ([1])
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِیْنْ بِجَاہِ خاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَآلِہٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami