Share this link via
Personality Websites!
477507
9428
شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت مولانا الياس عطار قادري دَامَت بَرَکَاتُہُمُ العالیہ لکن ٿا: (1): ايصالِ ثواب جي لفظي معنيٰ آهي: ثواب پهچائڻ، ان کي ثواب بخشڻ به چوندا آهن، پر بزرگن جي لاءِ ثواب بخشڻ چوڻ مناسب نه آهي، ثواب نذر ڪرڻ چوڻ ادب جي وڌيڪ ويجهو آهي(2): * فرض * واجب * سنت * نفل * نماز * روزو * زڪوات * حج * تلاوت * نعت شريف * ذِڪرُ اللہ * درود شريف * بيان * درس * قافلي ۾ سفر * علائقائي دورو * ديني ڪتاب جو مطالعو * نيڪيءَ جي دعوت وغيره، هر نيڪ ڪم جو ايصالِ ثواب ڪري سگهجي ٿو. (3): انبياء ۽ مرسلين علیہم السلام ۽ مسلمان جنن کي به ايصالِ ثواب ڪري سگهجي ٿو. (4): يارهين شريف ۽ رجبي شريف (يعني 15 رجب شريف تي امام جعفر صادق رحمۃُ اللہِ علیہ کي ثواب نذر ڪرڻ لاءِ ڪونڊا ڪرڻ) وغيره جائز آهي. (5): اولياءِ ڪرام رَحمۃُ اللہ علیہم جي فاتحه جي کاڌي کي تعظيماً نذر ۽ نياز چوندا آهن، اِهو جائز آهي، ان کي امير ۽ غريب سڀ کائي سگهن ٿا. (6): نياز ۽ ايصالِ ثواب جي کاڌي تي فاتحه پڙهائڻ لاءِ ڪنهن کي گهرائڻ يا ٻاهرين مهمان کي کارائڻ شرط نه آهي، گهر جا ماڻهو جيڪڏهن پاڻ ئي فاتحه پڙهي کائي ڇڏين تڏهن به ڪو حرج نه آهي. (7) روزانو جيترا ڀيرا به کاڌو کائو، حسبِ حال سٺين سٺين نيتن سان کائو، ان ۾ جيڪڏهن ڪنهن نه ڪنهن بزرگ جي ايصالِ ثواب جي نيت ڪري وٺو ته تمام سٺو آهي. مثال طور * ناشتي ۾ نيت ڪريو ته اڄ جي ناشتي جو ثواب سرڪارِ مدينه صلَّی اللہُ علیہِ وَ آلِہٖ وَسلَّم ۽ انهن جي وسيلي سڀني انبياءِ ڪرام علیہم السلام کي پهچي * منجهند جو نيت ڪريو ته هاڻي جيڪو کاڌو کائينداسين (يا کاڌو آهي) ان جو ثواب سرڪارِ غوثِ اعظم ۽ سڀني اولياءِ ڪرام رَحمۃُ اللہ علیہم کي پهچي* رات جو نيت ڪريو ته هاڻي جيڪو کائينداسين ان جو ثواب اعليٰ حضرت امامِ اهلسنت امام احمد رضا خان رحمۃُ اللہِ علیہ ۽ هر مسلمان مرد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami